From Wikipedia, the free encyclopedia
جوڙ :(انگريزي: Addition ) عام طور تي پلس جي نشاني (+) سان ظاھر ڪيو ويندڙ حسابن جي علم جي چئن بنيادي حسابن مان ھڪ حساب جو نالو آهي[1]. جيڪڏهن ٽي صوفن ۾ ٻہ صوف جوڙ ڪبا ته پنج صوف ٿيندا.
جوڙ جي علامت (+) ھڪ لاطيني اڌ اکري جو لفظ آهي جيڪو "۽" جي عيوض استعمال ٿيندو ھو[1]. ھن اڌ اکري ( short hand) لفظ (+) کي جوڙ لاء بطور حسابي علامت جي علم رياضي جي ماھرن پندرھين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ھو[1]. ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعات کان پوء پھريون دفعو بطور جوڙ جي نشاني جي ان علامت جو ذڪر 1489ع ۾ جوھانز وڊمين جي ڪتاب "ڪاروباري ماڻھن لاء سادو ۽ آسان حساب ڪتاب" (Behennde unnd hüpsche Rechnung auf fallen Kauffmannschaften) ۾ ڪيو ويو ھوا[1].
انگريزي ۾ جوڙ جي نشاني کي پلس (plus) چوندا آھن ۽ اھا ٻن رقمن جي وچ ۾ لکي ويندي آهي ۽ ان جي جواب کي برابر جي نشاني (=) کان پوءِ لکيو ويندو آهي. مثال طور:
علم رياضي ۾ جوڙ سڄن انگن ، ڏھائي وري رقمن ، اڻپور رقمن، الجبرائي رقمن وغيره جي ٿيندي آهي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.