حيدرآباد ضلعو، سنڌ
سنڌ، پاڪستان ۾ ضلعو / From Wikipedia, the free encyclopedia
حيدرآباد ضلعو (حَيدَرآباد ضِلعو، اردو: ضلع حیدرآباد، انگريزي: Hyderabad District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد شهر آهي. ھن ضلعي جون حدون مٽياري ضلعو، ٽنڊو محمد خان ضلعو، ٽنڊو الهيار ضلعو، بدين ضلعو، ٺٽو ضلعو ۽ ڄامشورو ضلعو سان ملن ٿيون. ھي ضلعو چئن تعلقن ۽ 53 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي [1] تعلقن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
- حيدرآباد شهر، جنهن ۾ حيدرآباد پراڻو شهر شامل آهي.
- لطيف آباد جيڪو 12 يونٽن م ورھايل آھي. ان جو اصل نالو شاھ لطيف آباد آھي.
- قاسم آباد ھن تعلقي کي ممتاز علي ڀٽو واري سنڌ جي نگران حڪومت لطيف آباد مان ڌار ڪري ٺاھيو .
- حيدرآباد تعلقو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ڀرپاسي جا ننڍا شھر ۽ ٻهراڙي شامل آهي.
ترت ڄاڻ حيدرآباد ضلعو, ملڪ ...
حيدرآباد ضلعو | |
---|---|
ضلعو | |
حيدرآباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | حيدرآباد ڊويزن |
تعلقا | *حيدرآباد ٻهراڙي |
ضلعي صدر مقام | حيدرآباد شھر |
پکيڙ | |
• ڪل | 6,726 ڪ.م2 (2,597 ميل2) |
آبادي | |
• ڪل | 43,39,445 |
بند ڪريو