اموي خلافت
From Wikipedia, the free encyclopedia
امارت اموي UmayyadEmaratese)، اسلام جي اهم حڪومت هئي، جنهن جو بنياد خلفاءِ راشدين جي خلافت کان پوء پيو، جنھن ۾ بہ اموي خليفو عثمان (644-654) خلافت ڪري چڪو هو. اموي امارات جو بنياد امير معاويہ رکيو جڏهن هو شام ملڪ جو گورنر هيو. (اموي مطلب اميہ جو پٽ جيڪو مڪي سان تعلق رکي پيو). جڏهن پھرين مسلم گھرو ويڙھ ختم ٿي، تہ شام اموين جو مضبوط ۽ اهم مرڪز هو ان کانپوءِ انهن دمشق کي پنهنجي امارات جو هيڊ ڪوارٽر بڻايو.
گادي جو (جا) هنڌ | دمشق(661-744)
هاران(744-750) |
---|---|
ٻوليون | عربي (سرڪاري)،
ڪوپٽڪ، يوناني، لاطيني، فارسي(ڪجهه علائقن ۾ عبدالمالڪ جي دور حڪومت ۾ رهي)، آرمينڪ، آرمينين، بربر ٻوليون، آفريڪن رومانس، سنڌي، موزرابڪ، جيئورجن، پراڪت ٻولي. |
مذهب | سني اسلام |
حڪومت | خلافت |
661-680 | امير معاويہ |
743-744 | الوليد ٻيو |
744-750 | مروان ٻيو |
پکيڙ | 11،100،000 چورس ڪلوميٽر
4،300،000 چورس ميل |
آبادي | 34،000،000 |
سڪو | سونو دينار، درهم |
حصو بڻيل ملڪ | flag |
اموين اچڻ سان ئي پنهنجي امارات کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترائي اهم ملڪ فتح ڪيا. جهڙوڪ؛ سنڌ، سائبيريه پينسوليہ، مسلم اسپين، مغرب وغيره کي مسلم دنيا ۾ شامل ڪيو ويو. ان وقت اموي امارات 11،100،000 چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل هئي جڏهن تہ 62 ملين آبادي (ان وقت دنيا جي %29 هئي،) ان امارات کي آبادي ۽ ايراضي ھڪ عظيم ۽ عاليشان حڪومت بڻائي پئي.
ان وقت مسلمان امويه انتظاميہ ٽيڪس کي مشڪوڪ ۽ باطل سمجهدا هئا. جڏھن تہ عيسائين ۽ يھودين کي آزادي مليل هئي.
==ارتقا==۔