ديوناگري اسڪرپٽ
From Wikipedia, the free encyclopedia
ديو ناگري رسم الخط___(Dev Nagri Script):
ترت ڄاڻ ديوناگري देवनागरी, قسم ...
ديوناگري देवनागरी | |
---|---|
ديوناگري رسم الخط (حروف علت مٿان کان ۽ حروف صحيح ھيٺان کان چنداس اکرن ۾ ڏيکاريل)]]. | |
قسم | ابوگيدا
|
ٻوليون | انگيڪا, اوڌي, ڀيلي, ڀوجپوري, بوڊو, ڇتيسڳڙھي, ڊوگري, گرھوالي, ھريانوي, ھندي, ڪشميري, ڪونڪاني, مگاھي, ميٿلي, مراٺي, منداري, نيپالي, نيوار, پالي, راجھستاني, سنتالي، سنسڪرت, سنڌي ۽ ٻيون کوڙ |
زمانو |
شروعات واري لکت:پھرين صدي عيسوي [1] موجودہ نموني واري لکت:ڏھين صدي عيسويءَ کان شروع ٿي [2][3] |
مادري نظام |
پروٽوسائينائٽ [a]
|
Child systems |
گجراتي مودي |
Sister systems |
گرومکي, نندي نگري |
لکت پاسو | کاٻي کان ساڄو |
آئي ايس او 15924 | Deva, 315 چار اکرن وارا آئي ايس او 15924 رسم الخط |
يونيڪوڊ عرفيت |
Devanagari |
يونيڪوڊ حد |
U+0900–U+097F Devanagari, U+A8E0–U+A8FF Devanagari Extended, U+1CD0–U+1CFF Vedic Extensions |
[a] The Semitic origin of the Brahmic scripts is not universally agreed upon. | |
بند ڪريو
برھمي لپيءَ مان ترقي ڪري جڙيل رسم الخط. ديوناگري رسم الخط صدين کان ھندو مذھب جو مقدس خط رھيو آھي. ڪيترائي مذھبي ڪتاب ۽ سنيھا ھن رسم الخط ۾ لکيل آھن. گڏيل ھندستان، ايشيا ۾”ننڍي کنڊ“ (Sub continent) سان مشھور آھي، ھن پوري خطي ۾ صدين کان سنسڪرت ڌرمي زبان ۽ ديو ناگري ڌرمي رسم الخط رھيو آھي. ديو ناگري رسم الخط ھميشه کاٻي کان ساڄي طرف لکيا ويندا آھن. مرليڌر جيٽلي مطابق سڄي ”ڀارت ۾ ۽ ڀارت کان ٻاھر پڻ، ٻين ڪئين ملڪن ۾ ديوناگري لپيءَ جي ڦھلاءِ جو مکيه سبب اھو آھي تھ اھا مڪمل طور تي سائنسي سرشتي واري آھي. ھن لپيءَ ۾ ماترائن جو استعمال لازمي ھئڻ ڪري لکيل ٻوليءَ ۽ ڳالھائڻ جي ٻوليءَ جي روپ ۾ گھڻي ۾ گھڻي مشابھت آھي. [4]