From Wikipedia, the free encyclopedia
سان مرينو (اچارڻ ۾ :سئن مورينو)؛ (انگريزي: San Marino ) (i/ˌsæn məˈriːnoʊ/, اطالوی: [sam maˈri:no]) جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف سائن مورينو آهي. [2] چوڌاري اٽلي جي ملڪ سان گھيريل ھڪ ملڪ جيڪو ائپنين جبلن جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 61 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪل آبادي 33,562 اٿس.[3] ان جو گاديءَ جو هنڌ سان مرينو شھر آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي آبادي سيراول ميونسپلٽي ۾ واقع آھي جنھن جو نالو ڊوگانا آھي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي اطالوي يا اٽالين آھي. ملڪ جو نالو ھڪ عيسائي بزرگ سينٽ مورينس جي نالي تان ورتل آهي. ھي ملڪ يورپ جي سڀ کان قديم ترين قائم رھڻ وارين خودمختيار ريپبلڪن ۾ شامل آھي. [4] في ڪس آمدني جي لحاظ کان ھن ملڪ جو شمار دنيا جي امير ترين ملڪن منجھ ٿيندو آهي. ھن ملڪ جي معيشت م ماليات، خدمتون، صنعت ۽ سياحت شامل آهن. ھن ملڪ جي ھر ماڻھو کي ھڪ کان وڌيڪَ گاڏيون آھن. دنيا جي انھن ٽن ملڪن م شامل آھي جن جي چوڌاري صرف ھڪ ملڪ واقع آهي جيئن ڏکڻ آفريڪا جي اندر ليسوٿو ۽ اٽلي جي اندر ھڪ ٻيو ملڪ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ آھي. ھي ملڪ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ مناڪو کان پوء يورپ جو ٽيون نمبر سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي ۽ دنيا جو پنجون نمبر سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي[5]. ھن ملڪ جو موجوده آئين سورھين صديءَ کان ھلندڙ ۽ لاطيني زبان ۾ لکيل آهي[6].
ريپبلڪ آف سان مرينو Repubblica di San Marino (Italian) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Libertas" (Latin) "آزادي" | |||||
ترانو: Inno Nazionale della Repubblica </di | |||||
گادي جو هنڌ | سان مورينو جو شھر 43°56′N 12°26′E | ||||
سڀ کان وڏو | ڊوگانا 43°58′52.57″N 12°29′22.2″E | ||||
دفتري ٻوليون | اطالوي | ||||
مذهب | رومن ڪيٿولڪ | ||||
مقامي آبادي | سامرينيز يا سامرينائي | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني ٻٽي حاڪميت جي (Diarchy) آمريت واري ريپبلڪ | ||||
• شاھي ڪپتان (نون تي زبر) |
نڪولا سيلوا مشل موراتوري | ||||
مقننه | گرينڊ اينڊ جنرل ڪائونسل | ||||
آزادي | |||||
• from رومن ايمپائر |
3 سيپٽمبر 301 | ||||
• آئين |
8 آڪٽوبر 1600 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
61.2 km2 (23.6 sq mi) (192nd) | ||||
• پاڻي (%) |
0 | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
33,344 (215th) | ||||
• گھاٽائي |
520 /km2 (1٬346.8 /sq mi) (23rd) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$2.09 ارب ڊالر[1] (175th) | ||||
• في سيڪڙو |
$60,651[1] (11th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.55 ارب ڊالر (174th) |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.