سوئيزرلينڊ
وچ يورپ ۾ وفاقي جمهوريت / From Wikipedia, the free encyclopedia
سويٽذرلينڊ (انگلش:Switzerland؛ جرمن ٻولي: دي شوايدز) فرانسيسي ۾ لا سويسي ۽ ايطاليائي ۾ لا سويسرا سڏيو ويندو آهي. سويٽذرلينڊ هڪ يورپي ملڪ آهي جيڪو جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان هڪ پاسي الپس جبل جي خوبصورت وادين ۽ ٻئي طرف ايورہ جي هيٺانهين مٿانهين جبلن ۾ واقع هڪ ملڪ آهي. هي ملڪ 21 هزار 265 چورس ڪلو ميٽر يا 15 هزار 940 چورس ميل جي ايراضي تي پکڙيل آهي. گهڻو علائقو الپس جي وڻدڙ منظر جبلن ۾ گهيريل آهي. ملڪ جي مجموعي آبادي 2023ع ۾ هڪ اندازي مطابق تقريباً 90 لک (9 ملين) آهي. آباديءَ جو گهڻو حصو مٿاهون پٽ تي قائم وڏي شهرن ۾ رهندو آهي.
سوئس ڪنفيڊريشن | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '(traditional) "Unus pro omnibus, omnes pro uno" (ٻولي؟) "ھڪ سڀن لاء، سڀ ھڪ لاءِ" | |||||
ترانو: "Swiss Psalm" | |||||
سويٽذرلينڊ جي نقشي ۾ مقام | |||||
گادي جو هنڌ | ڪوبہ نہ (قانون تحت) برن (درحقيقت) 46°57′N 7°27′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | زيورخ | ||||
دفتري ٻوليون | جرمن ٻولي فرانسيسي ٻولي اطالوي ٻولي رومانش ٻولي | ||||
مقامي آبادي | انگريزي ٻولي: سوئس ماڻھو سوئس, جرمن: شوزر يا شوزرن , فرينچ: سوئسس, سانچو:Lang-it | ||||
حڪومت | فيڊرل يا وفاقي نيم سڌي جمهوريت جي هيٺ ملٽي-پارٽي پارلیمانی نظام ڊائريڪٽوريل انتظامي نظام ريپبلڪ | ||||
• فيڊرل ڪائونسل |
| ||||
• وفاقي چانسلر |
والٽر ٿورنهير | ||||
مقننه | وفاقي اسيمبلي | ||||
رياستن جي ڪائونسل | |||||
نيشنل ڪائونسل | |||||
اِتهاسُ | |||||
• اولڊ سوئس ڪنفيڊريسي جو واڌارو (فائونڊيشن تاريخ) |
1 آگسٽ 1291 | ||||
• ويسٽ فالن امن معاهدو |
24 آڪٽوبر 1648 | ||||
• بحالي |
7 آگسٽ 1815 | ||||
• وفاقي رياست |
12 سيپٽمبر 1848 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
41٬285 km2 (15٬940 sq mi) (132nd) | ||||
• پاڻي (%) |
4.2 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
8,401,120 (99th) | ||||
• 2015 مردم شماري |
8,327,126 | ||||
• گھاٽائي |
202 /km2 (523.2 /sq mi) (63rd) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$517 سؤ ملين (بلين) (39th) | ||||
• في سيڪڙو |
$61,360 (9th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$681 سؤ ملين (بلين) (19th) |
بين الاقوامي شهرت ماڻيل ٻن شهرن يعني زيورخ ۽ جنيوا کي ملڪ جو اقتصادي مرڪز جي حيثيت حاصل آهي. ملڪ جو قومي ڏينهن هر سال پهرئين آگسٽ تي ملهايو ويندو اهي، جيڪو روايتي طور تي رياست جي قائم ٿيڻ جو ڏينهن سمجهيو ويندو آهي يعني سوئس ڪنفيڊريشن جو قيام پهرئين آگسٽ 1291ع تي عمل ۾ آيو، تنهنڪري پهرئين آگسٽ ملڪ جو قومي ڏينهن بڻيو آهي. سوئٽزرلينڊ في ماڻهو آمدني جي لحاظ کان دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو آهي.