نوابشاھ
From Wikipedia, the free encyclopedia
نواب شاھ (انگريزي: Nawabshah) پاڪستان جي سنڌ صوبي جو هڪ شهر ۽ ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هيءُ شهر ڪراچيءَ کان 206 ڪلوميٽر پري آهي. 2017ع جي انگن اکرن مطابق هن شهر جي آبادي 279،688 آهي[1]. سيد نواب شاھ هتان جو مشهور زميندار ۽ راڄ جو چڱومڙس هو. هن سندس 200 ايڪڙ ذاتي زمين هتان جي ريلوي اسٽيشن جي تعمير لاءِ مفت ۾ سرڪار جي حوالي ڪئي. انهيءَ عظيم خدمت جي مڃتا طور ان وقت جي انگريز سرڪار هن شهر ۽ ريلوي اسٽيشن جو نالو ”نواب شاھ“ رکيو. ھڪ تحقيق مطابق سيد نواب شاھ پٽ نواز علي شاھ جو اصل تعلق سن سان ھيو جتان خاندان سميت لڏي 1881ع ۾ ھتي رھائش اختيار ڪئي[2].
ترت ڄاڻ نوابشاھ نواب شاھ (Nawab Shah), ملڪ ...
نوابشاھ نواب شاھ (Nawab Shah) | |
---|---|
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مزار | |
جاگرافي بيهڪ: 26°14′39″N 68°24′36″E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | شهيد بينظيرآباد |
پکيڙ | |
• ڪل | 4,239 ڪ.م2 (1,637 ميل2) |
بند ڪريو