عالمي ورثو ماڳ
يونيسڪو طرفان خاص ثقافتي يا جسماني اهميت جي لحاظ سان درج ٿيل ماڳ (جڳهہ, ٺڪاڻو) / From Wikipedia, the free encyclopedia
"عالمي ورثو ٺڪاڻو" اھڙيون جڳھون (جھنگ، جبل، ڍنڍ، ريگستان، يادگار، عمارت يا شھر) کي چيو ويندو آھِي جنھن کي بين الاقوامي عالمي ثقافتي ورثو پروگرام جي تحت گڏيل قومن جو تعليمي سائنسي ۽ ثقافتي ادارو (يونيسڪو) جي عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي مرتب ڪيل فهرست جي لاءِ نامزد يا ان ۾ شامل ڪيو ويو ھجي۔ هي منصوبو ثقافتي يا قدرتي اهميت جي حامل جڳھن جي فھرست مرتب ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو آھي۔ مختلف شرطن جي تحت مندرج جڳھن کي عالمي ورثو فنڊ مان رقمون فراھم ڪيون وينديون آھن۔ ھي منصوبو "عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت جي حوالي سان ميثاق" جي ذريعي شروع ٿيو جنھن کي يونيسڪو جي مجلس عمومي 16 نومبر 1972ء تي اختيار ڪيو۔ ان وقت کان 184 ملڪ (بمطابق جولاءِ 2007ء) هن ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪا آھن۔ 2007ء جي مطابق 142 ملڪن جون 851 جڳھون ھن فھرست ۾ شامل آھن جن ۾ 660 ثقافتي، 166 قدرتي ۽ 25 مخلوط خصوصيتن جون حامل آھن۔ هر عالمي ورثي جي حامل جڳھ ان ملڪ جي ملڪيت آھي جتي اھو واقع آھي پر مستقبل ۾ بني نوع انسان جي لاءِ انکي محفوظ رکڻ عالمي برادري جي ذميداري آھي مختلف خطن ۾ واقع جڳھن جون خصوصيتون هيٺ ڏنل آهن:
خطو | قدرتي | ثقافتي | مخلوط | ڪل | % |
---|---|---|---|---|---|
آفريڪا | 33 | 38 | 3 | 74 | 9% |
عرب رياستون | 3 | 58 | 1 | 62 | 7% |
ايشيا بحر الڪاھل | 45 | 126 | 11 | 182 | 21% |
يورپ ۽ اتر آمريڪا | 51 | 358 | 7 | 416 | 49% |
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين | 34 | 80 | 3 | 117 | 14% |