پاڻي
ھائيڊروجن جي ٻن ائٽمن ۽ آڪسيجن جي ھڪ ائٽم جي ماليڪيولن سان تيار ٿيل ڪيميائي مادو / From Wikipedia, the free encyclopedia
فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. آڳاٽي وقت کان ڪائنات جي جوڙجڪ ۾ چئن عنصرن مٽي، هوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر مڃيو ويو آهي. سڀني الهامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انهيءَ حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو منو حصو پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي ترقيءَ جو مدار به پاڻيءَ تي آهي. پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب (H2O) آهي. پاڻي سائٽوپلازم جو خاص جزو آهي ۽ هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ پاڻي ضرور شامل هوندو آهي.