ناظم آباد ضلعو

From Wikipedia, the free encyclopedia

ناظم آباد ضلعوmap

ناظم آباد ضلعو (پھریون ڪراچي مرڪزي ضلعو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو ھڪ ضلعو جيڪو سنڌ جي گادي جي ھنڌ ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ميٽروپوليٽن شھر ڪراچي جي وچ واري حصي ۾ واقع آهي. جنھن ڪري مرڪزي يا سينٽرل ضلعو سڏجي ویندو ھو. ڪراچي شھر پھرين ھڪ ضلعي تي مشتمل ھيو 1987ع م ان کي چئن ضلعن ڪراچي سائوٿ، ڪراچي سينٽرل، ڪراچي ايسٽ ۽ ڪراچي ويسٽ ۾ ورھايو ويو. ھن ضلعي جي تعلقن کي سب ڊويزن جو درجو مليل آهي. ضلعي م ھن وقت پنج تعلقا يا سب ڊويزنون آهن. جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. گلبرگ سب ڊويزن
  2. لياقت آباد سب ڊويزن
  3. ناظم آباد سب ڊويزن
  4. نيو ڪراچي سب ڊويزن
  5. نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
ترت ڄاڻ ناظم آباد ضلعو(پھریون ڪراچي مرڪزي ضلعو), ملڪ ...
ناظم آباد ضلعو
(پھریون ڪراچي مرڪزي ضلعو)
ضلعو
ناظم آباد ڊسٽرڪٽ
Thumb
ناظم آباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا
Thumb
ناظم آباد ضلعو(پھریون ڪراچي مرڪزي ضلعو)
ناظم آباد ضلعو
(پھریون ڪراچي مرڪزي ضلعو)
Thumb
ناظم آباد ضلعو(پھریون ڪراچي مرڪزي ضلعو)
ناظم آباد ضلعو
(پھریون ڪراچي مرڪزي ضلعو)
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°57′N 67°03′E
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن ڪراچي ڊويزن
تعلقا *گلبرگ سب ڊويزن
ضلعي جو قيام 1987ع
پکيڙ[1]
  ڪل 61.5 ڪ.م2 (23.7 ميل2)
آبادي (2017 جي آدمشماري)[2][1]
  ڪل 29,72,639
بند ڪريو

2000 ۾ ھن ضلعي کي ڪراچي جي ٻين ضلعن سميت ختم ڪري سٽي گورنمينٽ جي ٽائونن ۾ تبديل ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ھن ضلعي کي چئن ٽائون ۾ ورھايو ويو هو جن ۾ لياقت آباد ٽائون، نارٿ ناظم آباد ٽائون ۽ نيو ڪراچي ٽائون ۽ گلبرگ ٽائون شامل ھيا. 11 جولاءِ 2011 تي سنڌ حڪومت ھن ضلعي کي ٻيھر بحال ڪيو ۽ ٽائون ختم ڪري تعلقا سب ڊويزنن جي صورت ۾ بحال ڪيا.[2] [3].

Thumb
ڪراچي ڊويزن ۾ ڪراچي سينٽرل ضلعو تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل

تاريخ

ھن ضلعي م شامل ڪراچي شھر جو حصو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪجهه ڇڊن ڳوٺن تي مشتمل ھيو ان وقت جي پراڻن علائقن م لالو کيت گھڻو مشھور ھيو جيڪو خود ظاھر ڪرڻ ٿو تہ ھي علائقو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ پراڻي ڪراچي شھر کان ٻاھر ٻھراڙيءَ وارو علائقو ھيو. پاڪستان ٺھڻ بعد انديا کان ھجرت ڪري ايندڙ مھاجرن کي ھن ضلعي وارن علائقن م آباد ڪرايو ويو. اھڙي طرح ھن علائقي کي منصوبه بندي سان ترقي ڏياري وئي. لالو کيت واري علائقي کي اڳتي ھلي شھيد ملت لياقت علي خان جي نالي سان لياقت آباد جو نالو ڏنو ويو ء ان سان گڏوگڏ وڌيڪ منصوبه بندي ڪري ھڪ ٻيو علائقو اباد ڪرائي ان کي بينگال سان تعلق رکندڙ پاڪستان جي ٻئين نمبر گورنر جنرل ۽ ٻئين وزيراعظم خواجه ناظم الدين جي نالي تي ناظم آباد رکيو ويو. انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ نيو دھلي کي دھلي شھر ۾ ٺاھيو ويو ھو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ باقائده ان وانگر گادي جو ھنڌ ڪراچي ٺاھڻ لاء نيو ڪراچي نالي شھر اڏڻ جو منصوبو رٿيو ويو پر بعد م نئون شھر روالپنڊي جي ڀرسان اڏيو ويو. ڪراچي م نيو ڪراچي وارو ٺھيل نئون علائقو ھن ضلعي ۾ شامل ٿيو. 1987 ۾ ھن ضلعي کي قائم ڪيو ويو.

جاگرافي

Thumb
سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي نقشي ۾ ڪراچي سينٽرل جيل بيھڪ

ھن ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ لانگيٽيوڊ 67.058374 ۽ ليٽيٽوڊ م 24.9551104 تي آھي. سمنڊ جي سطح کان ھن ضلعي جي سراسري بلندي 46 ميٽر يا 151 فوٽ آهي[4].ھي ضلعي سمند جي ڪناري کان اٽڪل 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اندر واقع آهي. ھن شھر جي موسم اونھاري م گرم ۽ گھميل ھوندي آھي. سڀ کان گھڻي گرمي جون جي مھيني ۾ 41 سينٽي گريڊ تائين ٿيندي آهي. سياري م ھتان جي موسم سرد ٿيندي آهي. ڪراچي شھر م ھوا جي اندر تمام گھڻي گھم ھڪ ماحولياتي مسئلو آهي جنھن جي . نتيجي م شھر جي مختلف حصن ۾ بيٺل ڪنو پاڻي سج جي گرميءَ تي ٻاڦ ٿي اڏامي نہ ٿو. ان کان علاوه گاڏين ۽ فيڪٽرين جو دونهون شھر م سامونڊي ھوائن جي باوجود ان گھم جي ڪري آلودگي کي تيزي سان وڌائي ٿو[5]. اھڙي طرح ھي ضلعو پڻ ان ماحولياتي مسئلي جو شڪار آهي.

آبادي

ھن ضلعي جي آبادي پھرين مارچ، 1998ع جي آدمشماري واري ڪاٿي مطابق 22,77,931 ھئي، جيڪا 15 مارچ، 2017ع تي وڌي 29,72,639 ٿي وئي.[1] 61.5 چورس ڪلوميٽر تي ڦھليل ھن شھري ضلعي جي آبادي جي گھاٽائي 48،336 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي.[1] آبادي م مردن جو تعداد 15,43,950 ھيو ۽ عورتون 14,27,349 ھيون.[1] پوري ضلعي جي آبادي 100 سيڪڙو شھري آبادي ھئي.[1] ضلعي م اڪثريت اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي آھي باقي ٻين ۾ میمڻ، پنجابي، پشتو، سرائيڪي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ شامل آهن.

تعليم جون سهولتون

يونيورسٽيون

• علامه اقبال اوپن يونيورسٽي (ڪراچي شاخ)

• نذير حسین يونيورسٽي (گلبرگ تعلقو)

• عورتن جي جناح يونيورسٽي (لياقت آباد تعلقو)

ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ

• گورنمينٽ اينگرو ٽيڪنيڪل ڪاليج (گلبرگ تعلقو)

• گورنمينٽ اينگرو ٽيڪنيڪل اسڪول (گلبرگ تعلقو)

• جناح پوليٽيڪنڪ ڪاليج (لياقت آباد تعلقو)

• ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج، (نارٿ ناظم آباد تعلقو)

• گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (نارٿ ناظم آباد تعلقو)

ڪاليجون

Thumb
شھيد ملت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، عزيز آباد.

• گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، گلبرگ

• گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن، ايف بي ايريا

• عزيز آباد ڪامرس ڪاليج

• شھيد ملت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، عزيز آباد

• گورنمينٽ دھلي ڪاليج، ڪریم آباد

• میمن گرلس ڪاليج، ڪریم آباد

• جناح گورنمينٽ ڪاليج، ناظم آباد

• عثمانيه گرلس ڪاليج، لياقت آباد

• گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج، قاسم آباد[6]

• رياض گورنمينٽ گرلس ڪاليج، لياقت آباد

• سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج، ناظم آباد

• گورنمينٽ ڪاليج فار وومين، ناظم آباد

• گورنمينٽ ڪاليج فار مین، ناظم آباد

• عبدالله گرلس ڪاليج، پاپوش نگر

• گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار وومين، نارٿ ناظم آباد

• گورنمينٽ ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج، نارٿ ناظم آباد

• گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج، بفرزون

• گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، انڊا موڙ چوڪ

• عثمان پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج نارٿ ڪراچي

• گورنمينٽ ڪاليج فار وومين، ايف 11، نيو ڪراچي

• ڪمرشل ڪاليج، عزيز آباد

انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي

• بقائي انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنالوجي، لياقت آباد

• سر آدم جي انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي، حسین آباد

ٻيا تعليمي ادارا

Thumb
گورنمينٽ بوائيز ڪمپري ھينسیو ھائير سيڪنڊري اسڪول، عزيز آباد.

• دستگير گورنمينٽ گرلس اسڪول، دستگیر

• سلطان محمود شاھ آغا خان اسڪول، ڪریم آباد

• رونق اسلام پبلڪ اسڪول، ڪریم آباد

• میمن بوائيز سيڪنڊري اسڪول، ڪریم آباد

• ایچ ای ایف بوائيز سيڪنڊري اسڪول، ڪریم آباد

• رونق اسلام گرلز سيڪنڊري اسڪول، ڪریم آباد

• سر سيد چلڊرين اڪيڊمي، لياقت آباد

• سيڪنڊري اسڪول، وحيد آباد

• آڪسبرج فائونڊيشن اسڪول، لياقت آباد

• قائد ملت گورنمينٽ بوائيز اسڪول قاسم آباد

• سر سيد چلڊرين اڪيڊمي

• حسيني بوائيز سيڪنڊري اسڪول

• گورنمينٽ گرلس پائلٽ ھائر اسڪول، ناظم آباد

• اسلام آباد ھاء اسڪول

• گرين شيلڊ اسڪول

• گورنمينٽ بوائيز سيڪنڊري اسڪول

• ٽائون ڪاميٽي اسڪول، مدينه ڪالوني

• گورنمينٽ مجيب النساء پرائمري اسڪول

• گورنمينٽ بوائيز ڪمپري ھينسیو ھائير سيڪنڊري اسڪول عزيز آباد

• گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن عزيز آباد

صحت جون سهولتون

ھن ضلعي م صحت جي سھولتن ۾؛

• ضیاء الدین اسپتال، نارٿ ناظم آباد

• عباسي شھيد اسپتال، ناظم آباد

• سنڌ گورنمينٽ ھاسپيٽل، لیاقت آباد

• سنڌ گورنمينٽ ھاسپيٽل، نيو ڪراچي

• نارٿ ڪراچي چلڊرين ھاسپيٽل

• ڪراچي ڊينٽل ھاسپيٽل، نارٿ ناظم آباد

• ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ھارٽ ڊزيزز، گلبرگ

• ٽبه ھارٽ انسٽيٽيوٽ، علی آباد

• ٽبه ڪڊني سینٽر، علی آباد

• عثمان میموریل اسپتال، حسین آباد

• ايوان تجارت وصنعت اسپتال

• شيڊ ھومز اينڊ ڪامپليڪس ھاسپيٽل، نيو ڪراچي

• شيخ آء اينڊ ڊائبيٽڪ ھاسپيٽل، نارٿ ناظم آباد

• امام زين العابدين اسپتال، ناظم آباد

• نعمت بيگم ھمدرد يونيورسٽي ھاسپيٽل، ناظم آباد

• بقائي سٽي ڊينٽل ھاسپيٽل

• بقائي ڪڊني سينٽر، لياقت نيشنل اسپتال جي ھڪ شاخ

• اي. او. ڪلینڪ

• بقائي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيئڪ ڊزايز، ناظم آباد

• نور ھاسپيٽل، سمن آباد

• ٽرائميڪس ھاسپيٽل

۽ ٻيون اسپتالون شامل آهن.

سياسي ۽ انتظامي ورهاست

قومي اسيمبلي جا تڪ

ھن ضلعي ۾ پاڪستان جي قومي اسيمبلي جا ھيٺيان تڪ آھن:

سنڌ اسيمبلي جا تڪ

ھي ضلعو سنڌ اسيمبلي جي 9 صوبائي تڪن م ورھايل آھي[7]. انھن تڪن ۽ 2024 جي عام چونڊن ۾ اتان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جا رڪنن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. پي ايس-122 (ڪراچي سينٽرل-1) ايم ڪيو ايم پاڪ
  2. پي ايس-123 (ڪراچي سينٽرل-2) ايم ڪيو ايم پاڪ
  3. پي ايس-124 (ڪراچي سينٽرل-3) ايم ڪيو ايم پاڪ
  4. پي ايس-125 (ڪراچي سينٽرل-4) ايم ڪيو ايم پاڪ
  5. پي ايس-126 (ڪراچي سينٽرل-5) افتخار عالم، ايم ڪيو ايم پاڪ
  6. پي ايس-127 (ڪراچي سينٽرل-6) ايم ڪيو ايم پاڪ
  7. پي ايس-128 (ڪراچي سينٽرل-7) ايم ڪيو ايم پاڪ
  8. پي ايس-129 (ڪراچي سينٽرل-8) (حافظ نعيم الرحمانجماعت اسلامي پاڪستان
  9. پي ايس-130 (ڪراچي سينٽرل-9) ايم ڪيو ايم پاڪ

يونين ڪاميٽيون ۽ يونين ڪاؤنسلون

نئين لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2003 تحت شھري علائقن م يونين ڪاؤنسل جو نالو تبديل ڪري يونين ڪميٽي رکيو ويو آهي[8] ۽ ٻھراڙيءَ ۾ يونين ڪاؤنسل کي ساڳيو يونين ڪاؤنسل سڏبو آهي. ھن ضلعي جي يونين ڪاميٽين جو تعداد 51[9] آھي ۽ ڪوبہ ٻھراڙيءَ جو علائقو نہ ھجڻ ڪري اتي ھاڻي ڪابه يونين ڪاؤنسل ڪانه آھي. ڪراچي ويسٽ شھري علائقن جون 46 يونين ڪاميٽيون ۽ ٻھراڙيءَ جون 6 يونين ڪاؤنسلون آھن ۽ انھن جو ٽوٽل 52 آھي[10]. ۾ ڪراچي ايسٽ ۾ 31[11] ڪورنگي ۾ 37 يونين ڪاميٽيون آھن ، ملير ۾ 32 يونين ڪاؤنسلون ۽ 13 يونين ڪاميٽيون ٽوٽل 45 يو سي آھن، ڪراچي سائوٿ ۾ 31 يونين ڪائونسلون ۽ يونين ڪاميٽيون آھن ھن ضلعي م ھيٺيون 42 يونين ڪاميٽيون (يونين ڪاؤنسلون) واقع آھن[12]:

وڌيڪ معلومات #, يونين ڪاميٽي ...
ڪراچي سينٽرل جون يونين ڪاميٽيون[9]
# يونين ڪاميٽي تعلقو آبادي
1يو سي شاھنواز ڀٽو ڪالوني 1نيو ڪراچي سب ڊويزن
2يو سي گلشن سعيد 2نيو ڪراچي سب ڊويزن
3يو سي خواجه اجمير نگري 3نيو ڪراچي سب ڊويزن
4يو سي ڪليانه 4نيو ڪراچي سب ڊويزن
5يو سي حڪيم احسان 5نيو ڪراچي سب ڊويزن
6يو سي ابوذر غفاري 6نيو ڪراچي سب ڊويزن
7يو سي فيصل 7نيو ڪراچي سب ڊويزن
8يو سي ڪالا اسڪول 8نيو ڪراچي سب ڊويزن
9يو سي مصطفیٰ ڪالوني 9نيو ڪراچي سب ڊويزن
10يو سي خميسو ڳوٺ 10نيو ڪراچي سب ڊويزن
11يو سي مدينه ڪالوني 11نيو ڪراچي سب ڊويزن
12يو سي مجيب النساء 12نيو ڪراچي سب ڊويزن
13يو سي گوڌرا 13نيو ڪراچي سب ڊويزن
14يو سي فاطمه جناح 14نيو ڪراچي سب ڊويزن
15يو سي سر سيد 15نيو ڪراچي سب ڊويزن
16يو سي شادمان ٽائون 16نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
17يو سي فاروق اعظم 17نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
18يو سي الفلاح 18نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
19يو سي مصطفیٰ آباد 19نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
20يو سي پھاڙ گنج 20نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
21يو سي کنڊو ڳوٺ 21نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
22يو سي حيدري22نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
23يو سي سخي حسن 23نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
24يو سي بفر زون 2 24نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
25يو سي بفر زون 1 25نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
26يو سي النور سوسائٽي 26گلبرگ سب ڊويزن
27يو سي سمن آباد 27گلبرگ سب ڊويزن
28يو سي گلبرگ 28گلبرگ سب ڊويزن
29يو سي واٽر پمپ 29گلبرگ سب ڊويزن
30يو سي ياسين آباد 30گلبرگ سب ڊويزن
31يو سي نصيرآباد 31گلبرگ سب ڊويزن
32يو سي جوھر آباد 32گلبرگ سب ڊويزن
33يو سي عزيز آباد 33گلبرگ سب ڊويزن
34يو سي ڪريم آباد 34گلبرگ سب ڊويزن
35يو سي موسیٰ ڪالوني 35گلبرگ سب ڊويزن
36يو سي ایف بي ايريا 36گلبرگ سب ڊويزن
37يو سي شريف آباد 37لياقت آباد سب ڊويزن
38يو سي بنڌاني ڪالوني 38لياقت آباد سب ڊويزن
39يو سي قاسم آباد 39لياقت آباد سب ڊويزن
40يو سي ڪمرشل ايريا لياقت آباد 40لياقت آباد سب ڊويزن
41يو سي ڊاڪخانه 41لياقت آباد سب ڊويزن
42يو سي ابن سينا 42لياقت آباد سب ڊويزن
43يو سي لياقت آباد 43لياقت آباد سب ڊويزن
44يو سي حاجي مريد ڳوٺ 44لياقت آباد سب ڊويزن
45يو سي ھادي مارڪيٽ 45لياقت آباد سب ڊويزن
46يو سي عباسي شھيد 46لياقت آباد سب ڊويزن
47يو سي پاپوش نگر 47ناظم آباد سب ڊويزن
48يو سي اورنگ آباد 48ناظم آباد سب ڊويزن
49يو سي ناظم آباد 1 49ناظم آباد سب ڊويزن
50يو سي رضويه سوسائٽي 50ناظم آباد سب ڊويزن
51يو سي گلبھار 51ناظم آباد سب ڊويزن
بند ڪريو

مذھب

ھن ضلعي م رھندڙ 99 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آھي باقي 1 سيڪڙو ۾ عيسائي، ھندو ۽ ٻيو شامل آهن. مسلمانن م غالب اڪثريت حنفي سني اسلام مذھب وارن جي آھي ڪن يونين ڪاميٽين ۾ شيعه جعفري اڪثريت ۾ آھن پر ضلعي جي پوري آباديءَ م اھي اقليت ۾ آھن.

ڪتب خانا

ھن ضلعي م مشهور ڪتبخانن م؛

• منصورہ لائبريري، گلبرگ

• تیموریہ لائبريري، نارٿ ناظم آباد

• سپر مارڪيٽ لائبريري، لیاقت آباد

• حسرت موھاني لائبريري

• عثمانيه لائبريري

• الھدی لائبريري

• نادر لائبريري

• غالب لائبريري

• زين لائبريري

• انجمن لائبريري نارٿ ناظم آباد

شامل آهن.

روڊ، چوڪ ۽ فلاء اوور

روڊ ۽ مشھور گھٽيون

ھن ضلعي ۾ گذرندڙ روڊن ۾؛

• شاھراھہ پاڪستان

• راشد منھاس روڊ

• سر شاھ محمد سليمان روڊ

• شير شاھہ سوري روڊ

• ایس ایم توفیق روڊ

• منگھوپير روڊ

• شاھراھہ نورجهان

• نواب صديق علي خان روڊ

• الطاف علي بريلوي روڊ

• سرجاڻي روڊ

• گوڌرا روڊ

• تابش دھلوي روڊ

• پاپوش نگر روڊ

• ناظم آباد روڊ

• شاھراھ جھانگير

• شاھراھ اورنگي

• حسين آباد روڊ

• شاھجھان اوينيو روڊ

• سيد رئيس احمد جعفري روڊ

• حسن علي جعفري روڊ

• انڊا موڙ روڊ

• نوراني مارڪيٽ روڊ

۽ ٻيا شامل آهن.

سڪ پلون

• لياقت آباد فلاء اوور

• ناظم آباد فلاء اوور

• ناگن چورنگی فلاء اوور

• سھراب گوٹھ فلاء اوور

• باچا خان فلاء اوور

• غریب آباد انڈر پاس

چوڪ ۽ مشھور موڙ

• خلافت چوڪ

• باچا خان چوڪ

• سخی حسن چورنگی

• ناگن چورنگی

• ناظم آباد چورنگی

• انڈا موڑ

• شفیق موڑ

عدالتي نظام

ڪراچي سينٽرل ضلعي جو عدالتي صدرمقام سٽي ڪورٽس واري جڊيشل ڪامپليڪس ۾ آھي جيڪو ڪراچي سائوٿ جي حدن اندر ايم اي جناح روڊ تي ڪي ايم سي مرڪزي آفيس جي پاسي م واقع آھي. ان ڪامپليڪس ۾ ڪراچي سينٽرل جون 38 ڪورٽون واقع آھن جن م سڀ کان وڏي ضلعي عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي آھي. ان کان علاوه باقي 7 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ، 12 سينيئر سول ججن جون ۽ 18 سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون عدالتون آھي. سول ججن جي عدالتن جا جج ساڳي وقت فيملي جج پڻ آهن. سينيئر سول جج ساڳي وقت رينٽ ڪنٽرولر پڻ آھن. ان کان سواءِ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ خاص عدالت جي حيثيت م ڪم ڪري پئي.

باغ ۽ وندر

باغ ۽ باغيچا

ھن ضلعي ۾؛

• تعلیمی باغ، نصیر آباد

• فتح باغ، نارتھ ناظم آباد

• انو ڀائي پارڪ، ناظم آباد

• عائشه صديقه فيملي پارڪ

• باره دري پارڪ، سمن آباد

• پرده پارڪ، قاسم آباد

• حاجی رحمت اللہ میمل فیملی پارک

• طارق محي الدين شھيد پارڪ

• گلوب پارڪ، سمن پارڪ

• تنوير شھيد پارڪ

• ڪليانه ٽائون پارڪ

• نيازي پارڪ شريف آباد

• مھدي حسن پارڪ

• ابو حذيفه پارڪ

• ليڊيز پارڪ

• عائشه پارڪ

• رضوان پارڪ

• ارفع کریم پارڪ

• خاتون جنت پارڪ، حسین آباد

• الازھر پارڪ

• تڪونا پارڪ، ناظم آباد

• نرسري پارڪ، لياقت آباد

• شاليمار پارڪ

• شادمان پارڪ

• ابدال پارڪ

•ڪي بي آر پارڪ

ڪلب

• رضويه ڪلب

• ڪليانه ڪميونٽي سينٽر

• نارٿ ڪراچي جم ڪلب

راندين لاء ميدان

• يو بي ايل اسپورٽس ڪمپليڪس

• ڪسٽمز ڪرڪيٽ اڪيڊمي

• اصغر علي شاھ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم

• لياقت علي خان اسپورٽس ڪمپليڪس

• گوھر آباد گرائونڊ

• منصوره پلي گرائونڊ

• جناح گرائونڊ، عزیز آباد

• لال قلعه گرائونڊ

• الفلاح گرائونڊ

• محمدي پلي گرائونڊ

• سنگم گرائونڊ

• ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ

• راجپوت بنڌاني گرائونڊ

• محمدي پلي گرائونڊ، قاسم آباد

• الفاروق ڪرڪيٽ گرائونڊ، ناظم آباد

• سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪمپليڪس، ناظم آباد

• ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ

• پيالا گرائونڊ

• ايسٽرن اسٽار ڪرڪيٽ گرائونڊ

• نارٿ ينگرس فٽبال گرائونڊ

• ھاڪي گرائونڊ فاروق اعظم

• نذير حسين ينگ فائيٽرز گرائونڊ

• طحه مسجد پلي گرائونڊ

• غوث اعظم اسپورٽس گرائونڊ

• بفرزون پلي گرائونڊ

• ٽيپو سلطان شھيد اسٽيڊيم

• انور انصاري فٽبال گرائونڊ

• پير بازار گرائونڊ

• عبدالخالق افغانی ساڪر اسٽيڊيم

• پاڪ فليگ گرائونڊ

• ايم اي بي اسپورٽس ڪمپليڪس

• حسين ابراهيم اسپورٽس ڪمپليڪس

مشھور جايون

ان ضلعي جي مشھور جاين ۾ شامل آهن:

• تعلیمی باغ

• دارالعلوم نعيمیه

• مدني مسجد تبليغي مرڪز، عزیز آباد

• سخي حسن قبرستان

• لڪي ون مال

• گول مارڪيٽ ناظم آباد

• لالوکيت پکين واري مارڪيٽ

• حسین آباد فوڊ اسٽريٽ

• ڊي سي آفيس، ڪراچي سينٽرل

• بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن آفيس

• جامع مسجد فاروق اعظم

• مولانا عبدالحامد بدایوني جو مزار

• پشتون مارڪيٽ

• فضل الرحمان قريشي جو مزار

• بروھي ڳوٺ

• امتياز سپر مارڪيٽ، ناظم آباد

• ڊرائيونگ لائسنس آفيس، ناظم آباد برانچ

• فٽبال جي نيشنل ساڪر اڪيڊمي

• بختياري يوٿ سينٽر

• اي آر واء نيوز ھيڊ آفيس

• شريف آباد نرسري

• اسٽيٽ بينڪ جي شاخ

• نوراني مسجد

• افروز ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز

• امير معاويه عيدگاهه

• جامع مسجد سمن آباد

• ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس 90

• ورلڊ ميمڻ فائونڊيشن ڪميونٽي سينٽر ٽرسٽ

• ايڇ اي ايف عيدگاھہ

• اسماعيلي ڪميونٽي جو مرڪز

• فيضان اڪيڊمي

• ميمڻ عيدگاھ

• پيراگون جمخانو

ٿاڻا

ھن ضلعي ۾ ٽوٽل (22) ٿاڻا آهن جن ۾ شامل آهن:

1. تيموريه ٿاڻو

2. پاپوش نگر ٿاڻو

3. شريف آباد ٿاڻو

4. لياقت آباد ٿاڻو

5. سپر مارڪيٽ ٿاڻو

6. سمن آباد ٿاڻو

7. جوھر آباد ٿاڻو

8. عزيز آباد ٿاڻو

9. نيو ڪراچي ٿاڻو

10. نارٿ ناظم آباد ٿاڻو

11. اجمير نگري ٿاڻو

12. يوسف پلازه ٿاڻو

13. گلبرگ ٿاڻو

14. گلبهار ٿاڻو

15. گبول ٽائون ٿاڻو

16. ناظم آباد ٿاڻو

17. رضويه سوسائٽي ٿاڻو

18. ايف بي انڊسٽريل ايريا ٿاڻو

19. نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻو

20. بلال ڪالوني ٿاڻو

21. شاھراھہ نورجهان ٿاڻو

22. حيدري مارڪيٽ ٿاڻو[13]

تصوير

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.