ناٽنگھم
From Wikipedia, the free encyclopedia
ناٽنگھم(انگريزي: Nottingham ). (i/ˈnɒtɪŋəm/ NOT-ing-əm) يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ملڪ انگلينڊ جو ھڪ شھر آھي جنھن جي مڪاني حڪومت وحداني اختياري واري شھري ڪائونسل تي مشتمل آهي جيڪا لندن کان اتر طرف 128 ڪلوميٽرن تي تاريخي ڪائونٽي ناٽنگھم شائر ۾ واقع آهي. ھي شھر رابن ھڊ جي ڪھاڻي، راليگ موٽرسائيڪلن ۽ تماڪ جي صنعت جي ڪري مشھور آھي. 1897 م راڻي وڪٽوريا جي تاج پوشي جي ڊائمنڊ جوبلي جشن جي موقعي تي ان کي شھر جو درجو مليو . ھي شھر ھن وقت انگلينڊ جو ھڪ وڏو سياحتي مرڪز آھي. 2017 ۾ ناٽنگھم جي آدمشماري جو تخمينو 329,200 ھيو.[4]ھن شھر جو پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام تمام بھترين آھي.[5]جنھن ۾ انگلينڊ جو سڀ کان وڏو پبلڪ جي ملڪيت وارين بسن جو نيٽورڪ ۽ [6] ناٽنگھم ريلوي اسٽيشن ۽ ٽرام جو جديد ايڪسپريس نظام شامل آهن. ھي شھر راندين جو مرڪز پڻ آھي. 2015 ۾ ھن شھر کي انگريزي راندين جو گھر قرار ڏنو ويو .[7] ھتي نيشنل آئيس سينٽر، نيشنل واٽر اسپورٽس سينٽر ۽ ٽرينٽ برج انٽرنيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ پڻ واقع آھي.[8] 11 ڊسمبر 2015 تي ھن شھر کي يونيسڪو پاران ادب جو شھر قرار ڏنو ويو.[9] ھن شھر ۾ ٻہ يونيورسٽيون واقع آھن جن ۾ ناٽنگھم ٽرينٽ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ناٽنگھم شامل آهن. يا يونيورسٽي آف لا جو ڪيمپس پڻ ھن شھر ۾ واقع آهي.
ناٽنگھم | |
---|---|
شھر ۽ انگلينڊ جي ھڪ وحداني اختياري | |
سٽي آف ناٽنگھم | |
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: رابن ھڊ، ناٽنگھم جو ڪائونسل ھائوس،ناٽنگھمجي ايڪسپريس ٽرانزٽ ٽرام،ڪاسل راڪ بريوئري،ٽرينٽ پل، ناٽنگھم ڪاسل، وولٽن ھال، ناٽنگھم فاريسٽ سٽي گرائونڊ | |
عرفيت: "مڊلينڊز جي راڻي"[1] | |
نعرو: لاطيني ٻولي: Vivit post funera virtus[2] | |
ناٽنگھم شائر ۾ ھن شھر جو مقام | |
Location within England##Location within the United Kingdom##Location in Europe | |
جاگرافي بيهڪ: 52°57′N 1°09′W | |
رياست | يونائيٽيڊ ڪنگڊم |
يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو ملڪ | انگلينڊ |
انگلينڊ جو خطو | ايسٽ مڊلينڊز |
ڪائونٽي | ناٽنگھم شائر |
قيام | 600 |
شھر جو درجو | 1897 |
انتظامي صدر مقام | لاڪسلي ھائوس، ناٽنگھم |
حڪومت | |
• قسم | وحداني اختياري |
• حڪومت ڪندڙ جماعت | ناٽنگھم سٽي ڪائونسل |
• ڪائونسل جو سربراھ | ليبر پارٽي جو ڪائونسلر جان ڪولنس |
• ايگزيڪيوٽو | ليبر پارٽي (يو ڪي) |
• پارليامينٽ جا ميمبر |
|
• لارڊ ميئر آف ناٽنگھم | ڪائونسلر لياقت علي |
پکيڙ | |
• شھر | 74.61 ڪ.م2 (28.81 ميل2) |
بلندي[3] | 46 ميل (151 ft) |
آبادي (2015) | |
• شھر | 321,500 |