الفارابي
From Wikipedia, the free encyclopedia
ابو ناصر الفارابي (انگريزي: Abu Nasir Alfarabi )
(870ع–950ع) مشھور مسلمان فلسفي، ارسطوءَ جو شارح، حڪمت، حياتيات ۽ نباتات جي علمن تي عبور رکندڙ الفارابيءَ، 873ع ڌاري، سمرقند جي -اتر- -اوڀر- ۾، ”درياءُ سيحون“ جي اُڀرندي ڪناري تي واقع ”فاراب“ شهر ۾ ڄائو. سندس پورو نالو ابونصر محمد -بن- اوزلخ طرخان، -الفارابي- هو[4]. سندس آبائي پيشو سپاهه گيري هو، پر مختلف ٻولين ۽ علمن جي سکڻ واري جنون کيس جليل القدر عالم ۽ وڏي -پائي- جو فلسفي بڻائي ڇڏيو[4]. شروع ۾ هن، پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪيترين زبانن ۾ مهارت حاصل ڪئي، -ان- کان پوءِ -بغداد- وڃي، عربي زبان تي دسترس حاصل ڪيائين. اهو دؤر خليفي مستنصر بالله عباسيءَ جو هو. بعد ۾ سيف الدوله جي مقربين ۾ شامل ٿيو[4].
ترت ڄاڻ الفارابي, پيدائش ...
الفارابي | |
---|---|
پيدائش | c. 872 فاراب شھر، خراسان فارياب (موجوده افغانستان) |
وفات | c. 950 دمشق |
عهد | اسلام جو سونھري دؤر |
علائقو | اسلامي فلسفو |
مڪتبه فڪر | نئين افلاطونيت [1] تصوريت [2] اسلامي فلسفو |
شعبه عمل |
مابعدالطبعيات, سياسي فلسفو, قانون, منطق, موسيقي, سائنس, اخلاقيات, تصوف,علميات |
بند ڪريو