مابعدالطبعيات
From Wikipedia, the free encyclopedia
مابعد الطبعيات ، انسان جي روح جو علم (Metaphysical) ميٽا (Meta) معنيٰ مٿانهون (Beyond) ۽ فزيڪل (Physical) طبعي دنيا. يعني طبعي دنيا کان مٿاهون علم.مابعد الطبيعات جي حدن ۾ ڪيترائي اختلاف آهن. ڪي ان کي فلسفي جي مترادف استعمال ڪن ٿا، ڪي ان کي الاهيات واري مقصد ۾ آڻن ٿا ۽ ڪي وري اخلاقيات کي بہ مابعد الطبعيات جي ذمري ۾ آڻن ٿا. حقيقت ۾ اهي تمام موضوع يا مسئلا، جيڪي طبعي علمن جي دائري مان خارج، طبعي فڪر و نظر جي حدن کان مٿي ۽ مشاهدي ۽ تجربي جي احاطي مان ٻاهر آهن. سي مابعد الطبعيات جي دائري ۾اچن ٿا. [1] اها فلسفي جي ٻين شاخن جهڙوڪ اخلاقيات، جماليات، علميات جهڙي شاخ آهي، (Metaphysics) اصطلاح يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان جڙي ٺهيو آهي ميٽا (Meta) معنيٰ ڏور/پري/مٿانهون ۽ فزيو (Physio) معنيٰ جسم. هن شاخ ۾ ڪائنات جي آخري ۽ بنيادي سچائي جي ڳولها ۽ ان جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. فلسفي ۾ مابعد الطبعيات کي ڪائنات کي سمجھڻ جي هڪ طريقي طور سمجھيو وڃي ٿو. هن شاخ مادي، تحرڪ، مڪان، زمان، لامحدود، سبب ۽ ٻين بنيادي تصورن جو ڳوڙهو تجزيو ڪيو آهي.[2]