زابلستان (انگريزي: Zabulistan ) ڏکڻ افغانستان جو ھڪ تاريخي علائقو آهي. ھن وقت اھو علائقو افغانستان جي ٻن صوبن م ورھايل آھي جن جا نالا آھن : زابل صوبو ۽ غزني صوبو[1][2] غزنوي دور حڪومت م ھي علائقو گادي جي ھنڌ غزنا جي نالي سان سڃاتو ويندو هو[3]. تاريخ سيستان 1062 عيسويءَ جي لڳ ڀڳ لکي مڪمل ڪئي وئي هئي جنھن م زابلستان کي سيستان جو حصو ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪو ھمون ڍنڍ کان سنڌو درياءَ تائين وارو علائقو ھيو[4]. موجوده دؤر م افغانستان جي زابل صوبي ۽ ايران جي شھر زابول جا نالا ھن علائقي جي نالي تان ورتل آھن. ھي علائقو فارسي جي شاعر فردوسي جي شاھنامي جي ڪردار رستم جي جنم ڀومي طور مشهور آھي. ان شاعريءَ جي ڪتاب م زابلستان لاء سيستان جو لفظ پڻ استعمال ڪيل آھي جيڪو پڻ زابلستان جي اولھ ۾ واقع ھڪ تاريخي علائقو آهي.[5]

ترت ڄاڻ علائقا, گادي جا هنڌ ...
زابلستان
Thumb

ستين کان ڏھين صدي عيسويءَ تائين زابلستان جو صوبو

علائقا زردشتي مذھب

, ٻڌ مذھب, ھندو مذھب, اسلام

گادي جا هنڌ غزني
علائقو خراسان ۽ برصغير جي وچ وارو علائقو
بند ڪريو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.