پاڪستان ۾ يونيورسٽين جي فھرست
فھرست / From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم، سیڪنڊري اسڪول ۽ ٻن سالن جي ڪاليج جي تعليم کي جاري رکڻ جو هڪ منظم عمل آهي. اعليٰ تعليم جي گورننس کي هائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان (HEC) جي تحت برقرار رکيو ويندو آهي جيڪو ملڪ ۾ مالي فنڊنگ، تحقيقي نتيجن ۽ تدريسي معيار جي نگراني ڪندو آهي. پاڪستان ۾، اعليٰ تعليمي نظام ۾ ایچ اي سي (HEC) پاران منظور ٿيل سرڪاري، خانگي ۽ فوجي يونيورسٽيون شامل آهن.
پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ ۾ هڪ پنجاب يونيورسٽي ڪم ڪري رهي هئي، جيڪا سال 1882ع ۾ قائم ٿي هئي. آزاديءَ کان وٺي، يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي مدد سان سڄي ملڪ ۾ نيون يونيورسٽيون وڌايون ويون آهن، جيڪو 2002ع تائين يونيورسٽين کي تسليم ڪرڻ جو هڪ خودمختيار ادارو هو، جڏهن ته ان کان اڳ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هئي. هن جديد دؤر ۾ پاڪسان ۾ لڳ ڀڳ 132 يونيورسٽيون تعليمي ميدان ۾ خدمتون آڇين پيون. پاڪستان هر سال اٽڪل 4,45,000 يونيورسٽي گريجوئيٽ ۽ 10,000 ڪمپيوٽر سائنس گريجوئيٽ پيدا ڪري ٿو. مُک يونيورسٽين ۾ هيٺيون يونيورسٽيون ملڪ ۾ هر سطح تي تحقيق جي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن:
- پنجاب يونيورسٽي، لاھور (1882ع)
- سنڌ يونيورسٽي، جامشورو (1947ع)
- پشاور يونيورسٽي (1950ع)
- ڪراچي يونيورسٽي (1951ع)
- قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد (1967ع)
- بلوچستان يونيورسٽي، ڪوئيٽا (1970ع)
- يونيورسٽي آف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، مظفرآباد
- بلتستان يونيورسٽي، گلگت بلتستان
- علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد (1974ع)
- يونيورسٽي آف آزاد ڄمون ڪشمير (1980ع)
- سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي، ٹنڈو جام
- زرعي يونيورسٽي فيصل آباد (1961ع)
- يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اینڊ ٽيڪنالاجي، لاهور (1961ع)
- سرسيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اینڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچي (1995ع)
- لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄامشورو (2001ع)
- ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي، لاهور
- جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچي (2012ع)
- شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور (1986ع)
- شيخ اياز يونيورسٽي، شڪارپور سنڌ 2018
- بينظير ڀٽو شهيد ميڊيڪل يونيورسٽي، لاڙڪاڻو (2009ع)
- گومل يونيورسٽي، ديره اسماعيل خان (1974ع)
- بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان (1974ع)
- اسلاميه يونيورسٽي، بهاولپور(1975ع)
- قائد عوام يونيورسٽي، نوابشاهه
- آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچي(1983ع)
- همدرد ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچي (1991ع)
- بقائي ميڊيڪل ڪاليج اينڊ يونيورسٽي (1996ع)
- اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد (1997ع)
- ماروي وومين يونيورسٽي سنڌ
- اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ هيريٽيج سکر سنڌ2020
- علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اوپن يونيورسٽي آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن سنڌ