سنڌ يونيورسٽي
سنڌ جي پھرين يونيورسٽي / From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌ يونيورسٽي (English: University of Sindh) هڪ تعليمي ادارو، ڄامشوري ۾ واقع آهي. هِي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي سال 1947ع کان 1951ع جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي. سال 1951ع ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طرح پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو.
ترت ڄاڻ قسم, سرگرم ...
قسم | Public |
---|---|
سرگرم | 1947 (1947) |
چانسلر | سنڌ گورنمنيٽ |
وائيس چانسلر | ڊاڪٽر فتح محمد برفت |
پتو | ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان |
ڪيمپس | نئون:علامه آءِ آءِ قاضي پراڻو:مس ايلسا قاضي |
رنگ | سُرمئي سائو, ڪارو |
ويب سائيٽ | www |
بند ڪريو
ھي يونيورسٽي سال 1947ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ يونيورسٽي ايڪٽ پاس ڪرائي 13 اپريل، 1947ع ۾ ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الھي بخش ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاء ۾ قائم ڪئي وئي. سنڌ جو گورنر سر فرانسس موڊي سنڌ يونيورسٽي جو پھريون چانسلر، سر غلام حسين ھدايت اللہ پرو چانسلر، اي.بي.حليم پھريون وائيس چانسلر ۽ آغا تاج محمد پھريون رجسٽرار مقرر ٿيا.
مئي، 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان حيدرآباد آندو ويو.[1] اھا اپريل، 1947ع ۾ اين.جي.وي. ھاءِ اسڪول جي الھندي ونگ ۾ قائم ٿي.[2]