آشا ڀوسلي
From Wikipedia, the free encyclopedia
آشا ڀوسلي (انگريزي: Asha Bhosle، [جنم: 8 سيپٽمبر 1933ع]) ھندستان جي مشھور گلوڪارہ آھي جنھن ھندستان جي فلمن لاءِ پس پردہ سنگيتڪار (Playback Singer) طور ھزارين گانا ڳايا آھن. آشا جو شمار ننڍي کنڊ جي انتھائي ڪامياب ۽ مقبول ترين ڳائڻين ۾ ٿئي ٿو. ھن جي سنگيت جو سفر اٺن ڏھاڪن تي مشتمل آھي جنھن ۾ ھن ھنديءَ سميت ھندستان جي مختلف ٻولين ۾ پنھنجي آواز جو جادو جاڳايو آھي[8]. آواز جي ميٺاڄ، موسيقيءَ جي ڄاڻ ۽ پنھنجي فن سان محبت سبب سندس گيت نہ فقط ھندستان پر دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عوامي پذيرائي حاصل ڪري چڪا آھن[9].
سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو آھي جن ۾ ٻہ قومي فلمي ايوارڊ، چار بنگالي صحافتي تنظيم جا ايوارڊ، 18 مھاراشٽر فلم ايوارڊ، 9 فلم فيئر ايوارڊ ۽ ست بھترين پس پردہ ڳائڻيءَ جا فلم فيئر ايوارڊ شامل آھن. 2000ع ۾ کيس ھندستاني سئنيما جي وڏي ۾ وڏي دادا صاحب ڦلڪي ايوارڊ حاصل ڪرڻ جو اعزاز مليو. 2008ع ۾ ڀارت سرڪار پاران کيس پدما وڀوشن (Padma Vibhushan) ايوارڊ ڏنو ويو. ھي ڀارت جو ٻيو وڏو شھري اعزاز آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فلمي گيت ڳائيندڙ گلوڪارہ طور سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل آھي[10].
آشا ڀوسلي ننڍي کنڊ جي مشھور گلوڪارہ لتا منگيشڪر جي ڀيڻ آھي. ھن نہ فقط فلمي گيت ڳايا آھن پر ڪيترائي غزل، ڀڄن، قواليون، لوڪ گيت ۽ رابندر ٽئگور جا بنگالي گيت پڻ ڳايا آھن. کيس ھندستان جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي بہ چڱو ملڪو حاصل آھي. 2013ع ۾ ھن ھڪ اداڪارہ طور فلم مائي ۾ ڪم ڪيو جنھن کي ڪافي ساراھيو ويو.