اسڪاٽلينڊ
اُتر اولهہ يورپ ۾ ملڪ، برطانيا جو حصو / From Wikipedia, the free encyclopedia
اسڪاٽلينڊ (scotland) يونائٽيڊ ڪنگڊم جو هڪ رُڪن ملڪ آهي.هي مُلڪ عظيم برطانيا ٻيٽَ جي اُتر ۾ ٽئين ڀاڱي تي موجود آهي. ان جي سرحد ڏکڻ طرف انگلستان جڏهن ته اوڀر ۾ اتر سمنڊ، اولهه ۽ اتر ۾ نارٿ چينل ۽ آئرش سمنڊ سان ملي ٿي. اصل ۾ لينڊ کانسواءِ 790 ننڍا ٻيٽَ پڻ اسڪاٽلينڊ جو حصو آهن.
اسڪاٽلينڊ Alba (اسڪاٽش گيلڪ) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت اسڪاٽلينڊ (dark green)– نقشو Europe (green & dark grey)– in the گڏيل بادشاھت (green) مڪانيت اسڪاٽلينڊ (dark green) – نقشو Europe (green & dark grey) | |||||
حیثیت | ڏيهَ | ||||
گادي جو هنڌ | ايڊنبرا 55°57′11″N 3°11′20″W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | گلاسگو | ||||
ٻوليون | انگريزي | ||||
منظور ٿيل ٻوليون[c] |
| ||||
نسلي گروھ (2011) |
| ||||
مذهب | اسڪاٽينڊ جو چرچ رومن ڪيٿولڪ ٻيا عيسائي السام هندومت ٻڌمت سکھ مت يهودين جو مذهب ٻيا ڪو به مذهب ناهي[2][3] | ||||
مقامي آبادي |
| ||||
|
| ||||
حڪومت | ورثي ۾ اچڻ پارلياماني قانون سازي جي اختيار اندر آئيني بادشاهت[e] | ||||
• راجا |
ايلزبٿ II | ||||
• پهريون وزير |
نيڪولا استورجين | ||||
• پهريون نائب وزير |
John Swinney | ||||
برطانيا جي پارليامينٽ | |||||
• رياست جو سيڪريٽري | Alister Jack | ||||
• هائوس آف ڪامنز | 59 MPs (of 650) | ||||
مقننه | اسڪاٽش پارليامينٽ | ||||
بناوت | |||||
• بنياد |
9هين صدي (روايتي 843) | ||||
• انگلينڊ جا ايڪو |
مئي 1, 1707 | ||||
• Devolution |
19 نومبر 1998 | ||||
پکيڙ | |||||
• Land |
77٬933 km2 (30٬090 sq mi)[4] | ||||
• پاڻي (%) |
3.00% | ||||
آبادي | |||||
• 2017 اندازو |
5,424,800[5] | ||||
• 2011 مردم شماري |
5,313,600[6] | ||||
• گھاٽائي |
67.5 /km2 (174.8 /sq mi) | ||||
GVA | 2017 estimate | ||||
• ڪُل (ٽوٽل) | £138 billion[7] | ||||
• في ڪس پرڪيپيٽا | £25,500[7] |
ايڊنبرا اسڪاٽلينڊ جو راڄڌاني ۽ ٻيو وڏو شهر آهي. هي شهر يورپ جي وڏن واپاري(تجارتي) مرڪزن منجهان هڪو آهي. ايڊنبرا کي اتيت (ماضيءَ) ۾ اسڪاٽلينڊ جي مرڪزي حيثيت حاصل هُئي پر هاڻي گلاسگو جيڪو اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اهو ايڊنبرا کان ترقيءَ ۾ اڳتي نڪري چُڪو آهي. اسڪاٽلينڊ جي آبي حدن ۾ اُتر ڄميل سنمڊ جو هڪ وڏو حصو پڻ اچي ٿو. تيل جي ذخيرن جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ يورپي يونين ۾ سڀني کان اڳتي آهي. اسڪاٽلينڊ جو ٽيون وڏو شهر ايبرڊين آهي جيڪو يورپ ۾ تيل جو راڄڌاني سڏبو آهي.
اسڪاٽلينڊ جي رياست 1707 تائين هڪ خودمختيار رياست هئي جنهن کي پوءِ ذاتي پسند جي بنياد تي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ سان ملايو ويو هيو. ان جو سبب هي هيو تہ اسڪاٽلينڊ جو جيمز ڇهون ساڳئي وقت ٻن رياستن جو بادشاهہ پڻ هو. 17 مئي 1707 تي اسڪاٽلينڊ پڻ الحاق ۾ شامل ٿي وئي ۽ اُهي سڀئي رياستون ملي هڪ ملڪ بڻجي ويون. ان سلسلي ۾ سال 1706 ۾ ٻنهين رياستن جي پارليامينٽ گڏجي هڪ قانون منظور ڪيو، تنهن هوندي ان الحاق جي خلاف اسڪاٽلينڊ ۾ عام مظاهرا ۽ احتجاج ٿيندا رهيا. اڄ پڻ اسڪاٽلينڊ جو عدالتي، قانوني ۽ ڏوهہ ۽ سزا جو سرشتو (نظام) انگلينڊ ۽ ويلز ۽ اُتر آئرلينڊ کان الڳ آهي.