حج
From Wikipedia, the free encyclopedia
حج جي لغوي معنيٰ ارادو ڪرڻ آهي، يعني ارادو ڪري ڪنهن هنڌ وڃڻ. شرعي اصطلاح ۾ مڪي شريف وڃي ڪعبة الله شريف. مِني , عرفات، مزدلفه ۽ جمرات وغيره جو ارادو ڪري طواف ۽ ٻيا حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ ۽ مقرر اعمال ۽ آداب بجا آڻڻ کي حج چئجي ٿو.
حج جون لغت ۾ هيٺيون معنائون آهن[1]:
- ارادو ڪرڻ،
- قصد ڪرڻ،
- حجت اٿارڻ،
- دليل بازي ڪرڻ،
- جهڳڙو ڪرڻ،
- بحث مباحثو ڪرڻ.