حجر اسود
From Wikipedia, the free encyclopedia
حجر اسود عربي ۾ ٱلْحَجَرُ ٱلْأَسْوَد(انگريزي: Black Stone ) عربي ٻولي جو لفظ آهي جي معنيَ ڪارو پٿر آھي جيڪو مڪي ۾ ڪعبة الله جي ڏکڻ-اوڀر واري ڪنڊ تي چاندي جي خاني ۾ جڙيل آهي.ان جو ذڪر قرآن ۾ ناھي ٿيل پر حديث ، ۽ تاريخي روايتن ۾ ان جو گھڻو ذڪر آھي[1]. اھو پٿر ڪٿان آيو اھا ڳالھ واضع ناھي پر اسلام اڳ بہ اھو ھڪ مقدس پٿر سمجھيو ويندو ھو جنھن جي پوڄا پڻ ڪئي ويندي ھئي[1]. ابن اسحاق مطابق ڪعبي ۾ موجودہ جاء تي ان پٿر کي حضرت محمد صہ نبوت جي ظھور کان اول پنھنجي ھٿن سان نصب ڪيو ھو. ان وقت ڪعبي جي نئين. سر تعمير بعد قبيلن جي سردارن ۾ اختلاف ٿي پيو ھو پوءِ حضرت محمد صه جي مشوري تي ان کي ھڪ چادر تي رکي سڀني سردارن گڏ کڻي اتي آندو ۽ نبي صه ان کي کڻي ڪعبي ۾ نصب ڪيو[2][3].
اسلامي روايتن مطابق اھو پٿر آدم ۽ حوا جي وقت جو آھي[4]. اھو ڪعبي ۾ اسلام کان اڳ واري بت پرستي واري دؤر م 605ع ۾ نبوت کان پنج سال اڳ محمد صه ڪعبي جي ڀت ۾ نصب ڪيو ويو ھو. ان کان پوء اھو ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ھو جنھن بعد ٽڪرا ملائي چاندي جي ٺھيل خاني ۾ جڙي ڪعبي ۾ نصب ڪيو ويو. حج ۾ مسلمان ڪعبي جي طواف وقت ان ڀرسان ترسي ان کي چمندا آھن. روايت مطابق حضرت محمد صہ ان کي چميو ھيو ان ڪري مسلمان ان کي چمندا آھن. [5][6] مسلمان ان جي پوڄا ناھن ڪندا[7][8].