خدا آباد
سنڌ جو ڪلھوڙن جي دور ۾ گاديءَ جو هنڌ / From Wikipedia, the free encyclopedia
خدا آباد : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جو ھڪ ننڍڙو شھر.خدا آباد کي يار محمد خان ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت جو تختگاهه بڻايو. ڪن روايتن مطابق ان جو پراڻو نالو شڪارپور پنهواري هو. خدا آباد کي ڪلهوڙن وڏي ترقي ڏني، اڄ به پنجاهه ايڪڙن تي ڦٽل شهر موجود آهي. ٻه عمارتون، هڪ جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو صحيح صلامت آهن، جيڪو ميان غلام شاهه جوڙايو هو.[1].
خدا آباد | |
---|---|
Khudabad | |
خدا آباد جي تاريخي جامعه مسجد جو ھڪ منظر | |
جاگرافي بيهڪ: 26.39°N 67.45°E / 26.39; 67.45 | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
بلندي | 31 ميل (102 ft) |
خداباد انگريزي (Khudabad) سنڌ جي ضلع دادو جو قديم شهر آهي جيڪو دادو جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اندس هاءِ وي سان قائم آهي. مغلن جي دور ۾ تڏهوڪي ملتان جي گورنر شهزادي معزالدين ڪلهوڙن جي مرڪزي شهر ڳاڙهي (هاڻ خيرپور ناٿن شاھ تعلقو) تي لڳ ڀڳ 1799ع يا 1700ع ۾ حملو ڪيو هو. ٻنهي ڌرين جي فوجن ۾ گاج ڪناري کوڙ (ٽوڙ) جي مقام تي سخت جنگ لڳي جنهن ۾ ٻنهي پاسي وڏا جنرل ماريا ويا. تحفته الڪرام جي مصنف ميرعلي شير قانع موجب علائقو رت سان لت پت ٿي ويو هو. ميان يار محمد ڪلهوڙو گرفتار ٿيو ۽ ملتان ۾ 28 ساٿين سان شهيد ڪيو ويو ۽ ميان يارمحمد ڪلهوڙو پيش پوڻ بجاءِ قلات هليو ويو. ڪجهه عرصو قلات ۾ رهڻ کان پوءِ ميان يارمحمد واپس سنڌ آيو ۽ ڳوٺ ڳاها کي مرڪز بڻائي زور وٺڻ شروع ڪيو. ميانوال ڪمانڊرن ۽ ڪارنن جي مدد سان سامتاڻي، مرکپور، فتحپور (دادو تعلقي ۾ اڄ به اهي ڳوٺ آهن) قبضي هيٺ آندائين. 1701ع ۾ مغل شهنشاهت جو پروانو ۽ خدايارخان جو خطاب حاصل ڪري پنهورن جي ڳوٺ “شڪارپور پنهورڪيءَ” تي اثر قائم ڪري اُتي خداباد جي نالي سان نئون شهر ٻَڌائين جيڪو تاريخ ۾ خداباد-1 جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ ڪلهوڙن جو پهريون وڏو تخت گاھ رهيو آهي. هن شهر جي باري ۾ ڪيترن ئي محققن ۽ مورخن جا بيان ملن ٿا ته هن شهر ۾ حڪمرانن جي حويلين سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي خوبصورت عمارتون جڙيل هيون. هيءُ شهر وڏي ايراضيءَ تي ڦهليل هو. هن شهر ۾ گلن جي باغن سان گڏوگڏ مختلف ميون جا باغ به هئا. سنڌ دريا جي وجهو هجڻ ڪري واپار جو مرڪز به هو. هن شهر ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جامع مسجد جو بنياد رکيو جنهن جو ڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي مڪمل ڪرايو. هيءُ مسجد طرز تعمير جو اعلى نمونو آهي. هن جي ديوارن تي اسلامي ۽ مغل آرٽ جي اثر هيٺ بهترين چٽسالي ٿيل آهي. هن شهر جي ويجهو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو به موجود آهي. هت ريلوي اسٽيشن پڻ آهي.[2][3]