راکي ٻڌڻ
From Wikipedia, the free encyclopedia
راکي ٻڌڻ يا راکي( (انگريزي: Raksha Bandhan)، راکي ٻنڌڻ، رکشا ٻنڌڻ) هندوستاني ۽ نيپالي ۽ سنڌي ڏڻ آهي، جنهن ۾ ڀيڻ ڀائرن کي راکي ٻڌنديون آهن. [1] هي تهوار هندو توڙي جين ڌرم جو گڏيل تهوار آهي، جنهن ۾ ڀيڻ شادي کان اڳ ۽ شادي کان پوءِ ڀائرن کي راکي ٻڌي مضبوط رشتي جي يادگري ڏيارينديون آهن. نہ رُڳو ڀيڻ ڀائر پر ڪٿي گرو چيلا ۽ عام رشتن وارا ماڻهو پڻ هڪ ٻئي کي راکي ٻڌاندا آهن.[2][3][4]
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
راکي ٻڌڻ Raksha Bandhan | |
---|---|
راکي ٻڌڻ دوران راکي ٻڌي پئي وڃي | |
سرڪاري نالو | رڪشا بندهن. |
عرفيت | راکي، سالونو، سيلينو، راکڙي |
ملهائڻ وارا | هندو |
قسم | مذهبي، ثقافتي، سيڪيولر |
تاريخ | شراون جو پوريما (پورو چنڊ) |
لاڳاپيل | ڀائي دوج، ڀائي ٽيڪا، سما چيڪوا |
روايتي ھندو سالياڻو تھوار، جيڪو انڊيا سميت ڏکڻ ايشيا جي ڪجهه ٻين ڀاڱن سان گڏوگڏ دنيا ۾ ھندو تھذيب سان واڳيل ماڻھن ۾ پڻ ساڳئي نالي سان مشھور آھي. انھيءَ ڏينھن، ھر ڄمار جون ڀينر تحفظ جي نشانيءَ طور پنھنجي ڀائرن جي ٻانھن چؤڌاري راکي ٻڌنديون آھن ۽ بدلي ۾ تحفو وٺنديون آھن.
راکي ٻنڌڻ/ٻڌڻ ملھايو ويندو آھي ھندو ٽپڻو (ھندو چنڊ جنتري/ڪئلينڊر) جي آخري مھيني شراواڻا، جيڪو عام طور آگسٽ ۾ ايندو آھي.