سڊني
From Wikipedia, the free encyclopedia
سڊني(انگريزي: Sydney)(i/ˈsɪdni/[6] آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اھو آسٽريليا ۽ اوشيانيا جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي[7]. آسٽريليا جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري تي واقع آهي[8] سڊني شھر 15 حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 40 لوڪل گورنمينٽ ڪائونسلون واقع آھن. شھر جي ماڻھن کي سڊني سائيڊرس چوندا آهن[9] جون 2019ع مطابق ھن شھر جي ميٽروپوليٽن آبادي 5,312,163 ھئي[10]، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ نيو سائوٿ ويلز رياست جي %65 آبادي ھن شھر ۾ رھندڙ آھي[11]. ھي شھر دنيا جي مهانگي ترين شھرن مان ھڪ آھي[12] ان ھوندي بہ دنيا جي ڏھن وڏن رھائش جي وڌيڪَ قابل شھرن مان ھڪ آھي[13][14][15] گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ جي مطابق ھن شھر جو شمار الفا گلوبل سٽي ۾ ٿئي ٿو جيڪو ان شھر جو پنھنجي علائقي ۽ دنيا ۾ اثر ظاھر ڪري ٿو [16][17]
سڊني نيو ساؤٿ ويلز | |||||||
سڊني اوپرا ھائوس ۽ سڊني ھاربر پل سڊني شھر جا مشھور ھنڌ نما شام مھل | |||||||
آبادي: | 5312163[1] (1st) | ||||||
• ڪثافت: | 423/km² (1,095.6/sq mi) (2018)[2] | ||||||
متناسقات: | 33°51′54″S 151°12′34″E | ||||||
رقبو: | 12367.7 km² (4,775.2 sq mi)(GCCSA)[3] | ||||||
منطقہ وقت:
• گرما (روشنيروز بچتي وقت) |
AEST (UTC+10)
AEDT (UTC+11) | ||||||
مقام: | |||||||
آسٽريلوي مقامي حڪومت: | کوڙ (31) | ||||||
ڪاؤنٽي: | ڪمبرلينڊ[4] | ||||||
رياست / علائقو انتخاب: | کوڙ (49) | ||||||
وفاقي ڊويزن: | کوڙ (24) | ||||||
|