ڀارت ۾ 2019-2020 جا احتجاج From Wikipedia, the free encyclopedia
شهريت ترميمي ايڪٽ خلاف احتجاج يا احتجاج سٽيزنشپ امينڊمينٽ ايڪٽ (انگريزي ٻولي: Citizenship Amendment Act protests) سي اي اي (CAA) ۽ اين آر سي (NRC) احتجاج, سي اي بي ۽ اين آر سي احتجاج جي نالي سان پڻ سُڃاتو ويندڙ سٽيزنشپ (ترميم) ايڪٽ (سي اي اي CAA)، جيڪو 12 ڊسمبر 2019 تي قانون ۾ نافذ ڪيو ويو هو ۽ ملڪ ۾ شهرين جي قومي نيشنل رجسٽرڊ (اين آر سي) جي تجويز جي خلاف، ڀارت ۾ هلندڙ مُظاهرن ۽ احتجاجن جو هڪ سلسلو آهي. ڀارتي پارليامينٽ (10 ڊسمبر 2019 تي لوڪ سڀا ۽ 11 ڊسمبر تي راجيا سڀا طرفان) شهريت (ترميم) بل، 2019 پاس ڪيو. ان کان اڳ ڀارتي ڪابينا ان بل جي منظوري ڏئي چُڪي هئي۔[58][59] بل پاس ٿيندي ئي سموري ملڪ ۾ مظاهرن ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو. خاص ڪري آسام[60][61][62]، تريپورہ ۽ مني پور ۾ وڏي پيماني تي احتجاج ٿيو.[63] انهن احتجاجن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ٻن ڄڻن جو موت ٿي چُڪو آهي.
Citizenship Amendment Act | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
Part of 2019 جا احتجاج | ||||||||
جامعا مليا اسلاميا شاگردَ احتجاج ڪندي، گوهاٽي، ميگھاليا، ڪيرالا ۽ ۾ ۾ احتجاج ڪيو ويو شاهين باغ (نئين دهلي)، احتجاج ڪندڙ ٽرئفڪ کي روڪي رهيا آهن. | ||||||||
Date | 4 ڊسمبر 2019 – present | |||||||
Location | ||||||||
Caused by | * شهريت (ترميم) ايڪٽ، 2019 جو تعارف | |||||||
Goals | * شهريت (ترميم) ايڪٽ، 2019 کي رد ڪرڻ لاءِ | |||||||
Methods | احتجاج ڪندڙَ: سول نافرماني, احتجاج, ڌرڻو, گهيراءُ, بک هڙتال, ستياگرا, هڙتال, ٽوڙڦوڙ وحشت- تهذيب سوزي, هٿراڌو ڏنل باهه, پٿر اُڇلائي هڻڻ, هيش ٽيگ ايڪٽيوازم, عام هڙتال (Bandh) سرڪار، راڄ: پوليس طرفان ماس شوٽنگ، وڳوڙ پوليس, پٿر اُڇلائي هڻڻ, ٽوڙڦوڙ وحشت- تهذيب سوزي, لاٺي چارج, اجتماعي گرفتاري, انٽرنيٽ شٽڊائون, ڪرفيو, ٽرانسپورٽ جي پابنديون, واٽر ڪينن, گڏجاڻين تي پابندي لاڳو ٿيل (گڏ ٿيڻ تي قلم 144) | |||||||
Status | Ongoing
| |||||||
Parties to the civil conflict | ||||||||
| ||||||||
Lead figures | ||||||||
نريندر مودي[29] (Non centralised leadership)
ممتا بنرجي[36] Centralised leadership (اسڪالرَ, ليکڪ, آرٽسٽ)
رامچندر گوها[46] | ||||||||
Casualties | ||||||||
Death(s) | 27[53](including 3 minors)[54][55] | |||||||
Injuries | 175[56] (reported as of 16 December) | |||||||
Arrested | 3000+[57] (reported as of 17 December) |
شهريت ترميمي ايڪٽ 2019 هڪ اهڙو قانوني بل آهي جيڪو ڀارتي قانون شهريت 1955 ۾ ترميم ڪري ٿو ۽ 31 ڊسمبر 2014 کان اڳ افغانستان، بنگلا ديش ۽ پاڪستان کان آيل هندو، سک، ٻڌمت، جين مت، فارسي ماڻهن ۽ مسيحين کي شَهريت ڏيڻ جو دَڳُ (رستو) چٽو (صاف) ڪري ٿو. ان بل ۾ مسلمانن کي شامل ناهي ڪيو ويو، جنهنڪري هي احتجاج ٿي رهيا آهن. ان بل ۾ مهاجرن جي لاءِ نئين ملڪ جي شهريت ملڻ جو عمل جي مُدت 11 سال کان گهٽائي 5 سال ڪئي وئي آهي.
هي بل آسام اڪورڊ، 1985 جي ڪِلاز 5 کي پڻ سِڌوسنئون (براہ راست) چيلينج ڪري ٿو.
ان بل جي خلاف سموري ملڪ ۾ تحريڪون شروع ٿي ويون آهن. ملڪ جي شهرين تنظيمن (سول سوسائٽي) طرفان مخالفت ڪئي وئي آهي ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس پاران ايوان پارليامينٽ ۽ ٻاهر سڙڪُن (روڊن) تي ملڪي سطح جو احتجاج شروع ڪيو ويو آهي.
شروع ۾ اُتر اوڀرندي رياستن پاران ان بل جي حمايت ڪئي وئي هُئي. بي جي پي طرفان آسام ۽ اُتر اوڀرندي هندستان جي ٻين رياستن سان وعدو ڪيو هيو تہ هو انهين رياستن ۾ انهن غير قانوني مهاجرن کي بي دخل ڪندا، جيڪي 25 مارچ 1971 کانپوءِ مُلڪ ۾ گهِري آيا هيا. ساڳئي ڳالهہ آسام ٺاهہ (آسام اڪورڊ) ۾ چيل آهي. انهن وعدو ڪيو هيو تہ شهريت ترميمي بل آسام اڪورڊ جي خلاف نہ هوندو. اُتر اُڀرندي رياستن جي 14 لوڪ سڀا سيٽُن ۾ بي جي پي 9 تڪن جي سيٽن تي کٽي (ڪامياب) آئي هئي، 4 ڊسمبر 2019 تي ڀارت جي ڪابينا ان بل کي منظور ڪيو ۽ انهيءَ کانپوءِ آسام جي شهر گوهاٽي ۾ زبردست احتجاج شروع ٿي ويو. آسام کانسواءِ ٻين پاڙيسري رياستن ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا.[64] دسپور ۾ هزارين مظاهرين پوليس بيريڪيڊ کي ٽوڙِي ڇڏيو ۽ آسام اسيمبلي عمارت جي سامهون مُظاهرا ڪيا. [65][66] اگرتلا ۾ پڻ ڏاڍو زبردست احتجاج ٿيو.[67] انکانپوءِ تہ سموري ملڪ ۾ احتجاجن جو اڻ کُٽ سلسلو شروع ٿي ويو. ڪيترن ئي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ماڻهو سڙڪن (روڊ) نڪري آيا. جهڙوڪ دهلي[68][69]،، ممبئي[70]، بينگلور[71]، حيدرآباد، دکن[72] ۽ جئي پور[68] جي عوام پنهنجو احتجاج درج ڪرائيندي حڪومت کي بل واپس وٺڻ جي گُهرَ ڪئي. عوام سميت يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ آءِ آءِ ٽي (انفارميشن ٽيڪنالاجي) ادارن جي شاگردن، اساتدن ۽ ٻين ملازمن پڻ ڪُلهوڪُلهي ۾ ملائي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيا. آءِ آءِ ٽي ممبئي[70]، پريزيڊنسي يونيورسٽي، ڪولڪاتا[73]، جامعہ مليہ اسلاميہ[74][75][76]، دهلي يونيورسٽي[77] ۽ علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي۔[78] جي شاگردن پاران لاڳاتار احتجاج ڪيو ويو.
علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي ۾ پوليس جا اهلڪار بيهاريا ويا پر شاگرن جو جوش ۽ جنون نہ ٿيو. جامعہ مليہ اسلاميہ جي شاگردن تي پوليس لٺيون وسايون (لاٺِي چارج) ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس (آنسو گيس) جا گولا اُڇلايا ويا جنهن سان ڪيترائي شاگيرد زخمي ٿي اسپتال ۾ علاج هيٺ داخل آهن.
مظاهرن سبب فلائيٽ ۽ ٽرينون بند ڪيون ويون.[79] آسام ۽ تريپورا ۾ حڪومت طرفان انٽرنيٽ جي سروس (خدمت) معطل ڪئي وئي آهي.[13] رنجي ٽرافي 2019-2020 جو آسام ۽ سروسز جي وچ۾ مقابلو منسوخ ٿي ويو.[80] گوهاٽي ۾ ڀارت جاپان سيمينار منعقد ٿيڻو هيو، جنهن ۾ وزير اعظم جاپان شنزو آبي جي شريڪ ٿيڻ جو پڻ آسرو هيو پر اهو پڻ رد ڪيو ويو.[81][82] فرانس، اسرائيل، آمريڪا ۽ گڏيل بادشاهت برطانيا پاران پنهنجي شهرين کي انڊيا (ڀارت) ۾ وڃڻ بابت خاص هدايتون جاري ڪيون ويون.[83][84]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.