![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/fc/Lakshmi_by_Raja_Ravi_Varma.jpg/640px-Lakshmi_by_Raja_Ravi_Varma.jpg&w=640&q=50)
لڪشمي
From Wikipedia, the free encyclopedia
سر وليم جونس (Sir William Jones) جنهن سڀ کان پهريائين سنسڪرت (Sanskrit) جو جگري ناتو ايراني ۽ يوروپي ٻولين (Iranian and Europian Languages) سان ڄاڻايو هو، تنهن ڏند ڪٿائن (Myths) جي کوجنائن ۾ به حصو ورتو. پاڻ ڄاڻايائين ته هندو ماڻهو ڀاڳ جي ديوي (Goddess of fortune) کي ”لکشمي“ لڇمي ديوي (Luxmi Devi) ڇو سڏيندا آهن، ۽ ان جو ٻيو نالو ”شري“ (Shri) آهي، جنهن جو اچار رومن ۽ يوناني ڏند ڪٿائن (Roman and Greece Myths) ۾ ”سيريز“ (Ceres) آهي. لڇمي اُن ۽ ڌن ڏيڻ واري ديوي آهي، ۽ رومن لوڪ (Roman people) به ان کي اَن جي ديوي ڪري سڏيندا هئا. انهيءَ ”سيريز“ (Ceres) لفظ مان انگريزي لفظ ”سيريلس“ (Cereals) ٺهيو آهي، جنهن ۾ هر نموني جو اَن ۽ داڻو اچي وڃي ٿو.[4][5][6]