محمد ايوب خان
پاڪستان جو ٻيون صدر / From Wikipedia, the free encyclopedia
محمد ايوب خان 14 مئي 1907 تي صوبي سرحد جي ڳوٺ ريحانه ۾ ڄائو. رايل ملٽري ڪالج انگلستان مان فوجي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1951ع ۾ بري فوج جو پهريو پاڪستاني ڪمانڊر انچيف ٿيو. 1954 ۾ محمد علي بوگره کيس وزارت دفاع جو اهم عهدو سونپيو. اسڪندر مرزا جڏهن 1958ع ۾ مارشل لا نافذ ڪئي ته چيف مارشل لا ايڊمنٽريٽر ايوب خان کي ڪيائين ۽ انهن ڏيهن ۾ پرامن فوجي انقلاب زريعي ملڪ جو واڳون سنڀاليون. آڪٽوبر 1959ع ۾ کيس اعليٰ ترين فوجي عهدو فيلڊ مارشل ڏنو ويو. ايوب خان مارچ 1962 ۾ نئون صدارتي آئين نافذ ڪيو. جنوري 1965ع ۾ نئين آئين تحت عام چونڊون ٿيون. ۽ ايوب خان مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان فاطمه جيڻا کان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي. 1965ع واري جنگ ۾ به ايوب خان پاڪستاني فوج جي اڳواڻي ڪئي. 1967ع ۾ سڀني سياسي پارٽين سندس حڪومت خلاف اتحاد ٺاهيو. هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ نيٺ 25 مارچ 1969ع تي ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي پاڻ استعفيٰ ڏئي ملڪ يحيٰ خان جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ هو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندو هو. هن پنهنجي سوانح عمري انگريزي زبان ۾ لکي جنهن جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ايوب خان 1974ع ۾ دل ٽٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
محمد ايوب خان | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
(اردو ۾: محمد ایوب خان) | |||||||
معلومات شخصيت | |||||||
ڄم | 14 مَئي 1907 [1][2][3][4][5][6] هري پور، پاڪستان | ||||||
موت | 19 اپريل 1974 (67 سال)[1][2][3][7] راولپنڊي | ||||||
شھريت | برطانوي راڄ پاڪستان | ||||||
مناصب | |||||||
بچاءُ جو وزير (پاڪستان) [8] | |||||||
عهدو جو مدت 25 آڪٽوبر 1954 – 11 آگسٽ 1955 | |||||||
پاڪستان جو وزيراعظم | |||||||
عهدو جو مدت 24 آڪٽوبر 1958 – 28 آڪٽوبر 1958 | |||||||
پاڪستان جو صدر (2 ) | |||||||
عهدو جو مدت 27 آڪٽوبر 1958 – 25 مارچ 1969 | |||||||
|
|||||||
بچاءُ جو وزير (پاڪستان) | |||||||
عهدو جو مدت 28 آڪٽوبر 1958 – 21 آڪٽوبر 1966 | |||||||
|
|||||||
عملي زندگي | |||||||
پيشو | سياستدان | ||||||
مادري ٻولي | اردو | ||||||
ڪم جي ٻولي | اردو | ||||||
عسڪري خدمتون | |||||||
لڙائيون ۽ جنگيون | ٻين مھاڀاري جنگ | ||||||
ترميم |