سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ يا اصطلاح From Wikipedia, the free encyclopedia
نالو (Name) سڃاڻپ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ھڪ اصطلاح آھي. نالو شين جي ھڪ زمري يا قسم ، يا ڪنھن اڪيلي شيءِ، منفرد حوالن سان سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو. ھڪ ذاتي نالو (منفرد ضروري ناھي) ڪنھن مخصوص انساني فرد جي سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو.
’نالي‘ لاءِ سنڌيءَ ۾ ٻيو لفظ ’نانءُ‘ به آهي. برصغير هند ۽ پاڪ جي زبانن ۾ ’نالو‘ لفظ ايترو نٿو ملي، جيترو ’نانءُ‘. پروفيسر ڪي. پي. ڪلڪرڻي لکي ٿو.
آسامي ٻولي ۾ = ناءُ
اُڙيا ٻولي ۾ = نا
هندي ٻولي ۾ = نانوُ، نانءُ، نائون
پنجابي ٻولي ۾ = نا، ناءُ
ان ساڳي ڊڪشنري ۾، سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ”نانءُ“ به لکيل آهي.[1][2]سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ’نانءُ‘ ڪم آندو آهي:
گهوڙن هنيون گهڻيون، اُٺن هنئي آنءُ،
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.
سگهڙن پنهنجي فن ڳجهارت ۾ ’نانءُ‘ گهڻو استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي ئي ڳجھارت جي ڀڃڻ جو مدار هوندو آهي. جئن:
اي نر نانء، منهنجي نر نانءَ کي،
ٻه نَرَ نانءَ ڏي ته توکي مال جي ڏيان.
نر نانء= نَرُ نالو= شاهه پنجو (دادو ضلعي ۾ هڪ پير جو نالو). نر نانء= سلطان. نر نانءُ= سڄڻ. ٻه نر نانءَ= هڪ هوندو ٻيو سوندو.
ڀڃڻي: اي شاهه پنجا سلطان، منهنجي سڄڻ کي هوندو سوندو ڏي ته توکي ديڳ ڏيان. پهاڪن ۽ چوڻين ۾ به ’نانءُ‘ ڪم آيل آهي:
نانءَ چڙهيو واپاري، کٽيو کائي،
نانءَ چڙهيو چور، ڦاهي چڙهي.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته ’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي لفظ جون ٻه صورتون آهن، يا الڳ الڳ لفظ آهن؟ جئن ته ’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا، تنهنڪري ائين وِسهڻ تي مجبور ٿجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نانءٌ‘ لساني اصول جي تحت تبديل هيٺ آيو آهي، ورنه ڳالهه ساڳي آهي.[3]
لفظن جا ڪيترا حرف يا اکر، هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿيندا آهن، جئن ’ڦاسي‘ ۽ ’ڦاهي‘، ’ماس‘ ۽ ’ماهه‘ جو ’س‘، ’ھ‘ ۾ تبديل ٿيو. انهيءَ ابدال جي قاعدي موجب ’ل‘ ۽ ’ن‘ پاڻ ۾ مٽبا آهن. جئن ’نعش‘ مان ’لاش‘، ’نيلم‘ مان ’ليلم‘، ’لنگر‘ مان ’ننگر‘ ۽ ’لِلاٽ‘ مان ’نِلاٽ‘، ’نِراٽ‘، ’نِراڙ‘ ۽ ’نِرڙ‘ ٿيو.
”لِکيو منجھ لِلاٽ، قلم ڪياڙي نه وهي.“
نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نان‘ هڪ ئي لفظ جون ٻه صورتون آهن.
انسان جو ’نالو‘ يا ’نانءُ‘، هميشه بامعنيٰ هوندو آهي. بي معنيٰ نالو ڪوبه نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪي نالا، اسان کي سمجھ ۾ نه آيا، ته ان جو اهو مطلب نه آهي ته اهي بي معنيٰ آهن. پر ڪي اهڙا به قابل ڪاريگر هوندا، جي هڻي هنڌ ڪندا.[4]
’نانءُ‘، ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي، تنهن لاءِ لغتن ۾ اختلاف آهي، پر تنهن هوندي به ٻين جي راين کي سامهون رکندي، لفظ جي تهه تائين پهچي راءِ قائم ڪجي ٿي.[5]’نانءُ‘ فارسي لفظ ’نام‘ جي بگڙيل صورت آهي.[6]ڊنڪن فوربس به اهائي راءِ ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت ائين به لکن ٿا ته سنسڪرت سان به واسطو اٿس.[7]’نام‘، جديد فارسي ۾ ته ملي ٿو، پر قديم فارسي ۾ به ملي ٿو. پهلوي ۾ ’نام‘ ۽ اوستا ۾ ”نام“، پر بنيادي لفظ ’نامن‘ آهي. سنسڪرت ۾ ”نام“ جو بنيادي لفظ ’نامَن‘ آهي جنهن جو ڌاتو يا بنياد ”نَم“ آهي، جنهن جي معنيٰ: سڃاڻڻ، پڪارڻ، سڏڻ. مطلب ته ’نالو‘ معنيٰ: جنهن سان سڃاتو وڃي ٿو، پڪاريو وڃي ٿو يا سڏيو وڃي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته نالي سان ئي پڪاريو وڃي ٿو.[8][9][10][11]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.