From Wikipedia, the free encyclopedia
پاسارگاد (انگريزي: Pasargadae؛ فارسي:پاسارگاد) ايران جي فارس صوبي جو ھڪ پراڻو ماڳ آھي جيڪو شيراز شھر کان اٽڪل 90 ڪلوميٽر (56 ميل) اتراوڀر ۾ کنڊرن جي صورت ۾ موجود آھي. ھي ايران جو ھڪ مشھور قديم آثارن وارو ماڳ ۽ يونيسڪو جو ايران ۾ عالمي ثقافتي ورثي وارو ماڳ (World Heritage Site) آھي[1]. ائڪمنيڊ سلطنت جي باني سائرس اعظم ( 550 - 559 ق.م) ھن کي پنھنجي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ھو. سائرس اعظم جو مقبرو بہ ھتي تعمير ٿيل آھي. ھن ھنڌ کي 2004ع ۾ يونيسڪو جي عالمي ورثي وارن ماڳن ۾ شامل ڪيو ويو.
ھي ماڳ ائڪمنيد سلطنت جو پھريون گاديءَ جو ھنڌ ھو. ائڪمينيد سلطنت جو باني سائرس اعظم ھو جنھن جي درٻار ھن شھر ۾ قائم ھئي ۽ ھن ئي شھر جي کنڊرن ۾ ۾ سندس آخري آرامگاھ اڄ بہ قائم ۽ دائم آھي. ھي شھر سائرس اعظم جي پٽ ڪمبوجيہ ثاني جي دور ۾ بہ سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ڪببوجيہ ثاني کان پوءِ سندس ڀاءُ دارا (Darius) تخت تي ويٺو جنھن گاديءَ جو ھنڌ پرسيپولس شھر کي بنايو جيڪو پاسارگاد کان 42 ڪلوميٽر پري آباد ھو[2].
پاسارگاد جا کنڊر 1.6 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھن جن ۾ سائرس اعظم جو مقبرو۽ ڀرواري جبل تي بادشاھ جي درٻار جا کنڊر موجود آھن. ھتان جي کنڊرن ۾ ٻہ شاھي محل ۽ شاھي باغ شامل آھن. ھتي سائرس اعظم جي پٽ ڪمبوجيہ ثاني جي مزار پڻ موجود آھي[3].
آثارقديمہ جو ماھر ارنسٽ ھرسفيلڊ ( Ernst Herzfeld) پھرون يورپي ماھر ھو جنھن پاسارگاد جي کنڊرن جي 1905ع ۽ 1928ع ۾ کوٽائي ڪئي[4]. ھنن کنڊرن بابت اصل دستاويز، نوٽبڪ، تصويرون، ڀتين تي اڪريل تصويرن جا ٽڪرا ۽ ٻيون شيون واشنگٽن ڊي سي جي فريئر گئلري آف آرٽ (Freer Gallery of Art) ۾ محفوظ آھن. ھنگريءَ جي آثارقديمہ جي ماھر سر مارڪ آرڪ اسٽين (Sir Marc Aurel Stein) پڻ 1934ع ۾ ھنن کنڊرن تي کوجنا ڪئي. 1935ع ۾ ارچ ايف شمٽ (Erich F. Schmidt) ھنن کنڊرن جا ھوائي جھازذريعي فوٽو ڪڍيا[5].
1949ع کان 1955ع تائين ايراني ماھرن جي ھڪ ٽيم علي سام جي اڳواڻيءَ ۾ ھنن کنڊرن تي ڪم ڪيو[6]. ان بعد فارسي تعليم جي ھڪ برطانوي اداري پاران ڊيوڊ اسٽرونيچ (David Stronach) جي نگرانيءُ ۾ 1961ع کان 1963ع تائين ھنن کنڊرن تي ڪم ڪيوويو[7]. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھنن کنڊرن مان ڪيترائي قيمتي زيور ھٿ آيا جيڪي ھن وقت ايران جي قومي عجائب خاني ۽ برٽش موزيم ۾ محفوظ ڪيا ويا آھن. 2000ع ۾ ايران جي ثقافتي ورسي واري اداري ۽ فرانس جي لئون يونيورسٽيءَ پاران ھتي ڪم ڪيو ويو. ھن وقت ھي ماڳ ايران جو ھڪ مکيہ ثقافتي ورثو آھي[8].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.