ڏکڻ آمريڪا ۾ جمھويہ From Wikipedia, the free encyclopedia
پيراگوئي (انگريزي: Paraguay) /ˈpærəɡwaɪ/ سرڪاري نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي اٿس. ڏکڻ آمريڪا ۾ واقع ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي. ان جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ ارجنٽائينا، آوڀر ۽ اتر۔اوڀر ۾ برازيل، اتر۔اولھ ۾ بوليويا آھن. ھن جي وچ مان درياء پيراگوئي وھي ٿو. ان جي گاديء جو ھنڌ اسانشيون آھي.
ريپبلڪ آف پيراگوئي República del Paraguay (اسپيني) Tetã Paraguái (Guarani) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Paz y justicia" (اسپيني) "امن ۽ انصاف" | |||||
ترانو: Paraguayos, República o Muerte (اسپيني) Paraguayans, Republic or Death | |||||
مڪانيت پيراگوئي (dark green) نقشو ڏکڻ آمريڪا (ڀورو رنگ) | |||||
گادي جو هنڌ | ايسنسيئون 25°16′S 57°40′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ايسنسيئون | ||||
دفتري ٻوليون |
| ||||
نسلي گروھ (2016[1]) |
| ||||
مذهب (2017) |
| ||||
مقامي آبادي | پيراگوئين گوئراني (محاورتن)[2] | ||||
حڪومت | وحداني ھڪ پارٽي جي غلبي وارو نظام صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ماريو ايبڊو بينٽيز | ||||
• نائب صدر |
ھيگو ويلازڪئيز مورينو | ||||
• سينيٽ جو صدر |
فرنئنڊو لوگو | ||||
مقننه | پيراگوئي جي ڪانگريس | ||||
پيراگوئي جي سينيٽ | |||||
چيمبر آف ڊپٽيز | |||||
اسپين کان آزادي | |||||
• آزادي جو اعلان |
14 مئي , 1811 | ||||
• تسليم ڪيو ويو |
25 نومبر , 1842 | ||||
• گڏيل قومن کيس تسليم ڪيو |
24 آڪٽوبر , 1945 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
406٬752 km2 (157٬048 sq mi) (59th) | ||||
• پاڻي (%) |
2.3 | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
7,052,984[3] (104th) | ||||
• گھاٽائي |
17.33 /km2 (44.9 /sq mi) (210th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$95.011 ارب ڊالر [3] (88th) | ||||
• في سيڪڙو |
$13,471[3] (96th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$41.851 ارب ڊالر [3] (94th) |
پيراگوئي 1811 ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪئي. ھن ملڪ 1865 کان 1870 تائين ارجنٽينا، برازيل ۽ يوراگوئي جي اتحاد سان جنگ دوران مردن جو 66 سيڪڙو جاني نقصان ۾ وڃايو ان سان گڏوگڏ ھن ملڪ کان ڪافي حصا بہ کسجي ويا. ان جنگ بعد اڌ صديءَ تائين ھن ملڪ جي معيشت تباھ حالي جو شڪار رھي.
1932 کان 1935 تائين بوليويا سان چاڪو واري جنگ جي نتيجي ۾ چاڪو واري ھيٺاھين پٽن واري زمين جو وڏو حصو ھن ملڪ جي قبضي ۾ آيو. 1950واري ڏھاڪي دوران ھن ملڪ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر الفريڊو اسٽروئيسنر اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ 35 سالن بعد 1989 ۾ سندس اقتدار جو خاتمو ٿيو جنھن بعد ھن ملڪ ۾ صدارتي اليڪشن سان جمھوريت جو آغاز ٿيو[4].
ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 23 00 S, 58 00 W ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 406,752 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 397,302 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9450 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا ۾ ھي ملڪ 61 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,655 ڪلوميٽر آھن جيڪي ٽن ملڪن سان ملن ٿيون. ارجنٽينا سان 2531 ڪلوميٽر، بوليويا سان 753 ڪلوميٽر ۽ برازيل سان 1371 ڪلوميٽر ملي ٿي. ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي . ھتي جي زميني سرسبز چراگاھن سان ۽ ٻيلن سان ڀرپور آھي. ملڪ جي سراسري اوچائي 178 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام سيرو پيرو آهي جنھن جي بلندي 842 فٽ آهي. ملڪ جا قدرتي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، عمارتي ڪاٺ، ڪچو لوھ، ميگنيز ۽ لائيم اسٽون شامل آهن[4].
ھتان جي موسم سب ٽراپيڪل کان ٽيمپريٽ آهي. ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ تمام گھڻي برسات پوندي آھي پر الھندي پاسي برسات جي ڪمي جي ڪري خشڪسالي رھندي آھي.[4]
جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,943,739 ھئي ۽ دنيا ۾ ھن جو نمبر 104 ھيو.ماڻھن ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ميسٽيزو آھن جيڪي اسپيني ۽ آمريڪي انڊين ماڻھن جو گاڏڙ آھن. باقي نسلن جا ماڻهو رڳو 5 سيڪڙو آھن. ملڪ جون سرڪاري ٻوليون اسپيني ٻولي ۽ گوئراني ٻولي آھن. ماڻھن جو 89.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن. 6.2 سيڪڙو ماڻهو پروٽيسٽنٽ مذھب سان تعلق رکندڙ آھي[4]،
ملڪ جي زرعي زمين 53.8 سيڪڙو آهي جنھن مان 10.8 پوکي لائق ۽ 0.2 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 42.8 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 43.8 سيڪڙو ٻيلا آھن. ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 تائين 1362 چورس ڪلوميٽر ھئي[4].
ملڪ جو سڄو نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي آهي. ملڪ جو نالو درياء پيراگوئي جي نالي تي رکيل آهي جيڪو ھن ملڪ ۾ وھي ٿو. ان جي معني آهي پيياگوئا(انگريزي: Payagua)جو پاڻي آھي. پيياگوئا اتان جو ھڪ مقامي قبيلي جو نالو آهي جيڪو ان درياءَ جي پاسي ۾ رھندو ھو[4].
ISO 3166-2:PY | ڊپارٽمينٽ | گادي جو ھنڌ | آبادي (2018 ۾) | پکيڙ (km²) | ضلعا |
---|---|---|---|---|---|
ASU | گاديءَ وارو ضلعو | آسينسيئن | 524,190 | 117 | 1 |
1 | ڪانسيپٽسيئن | ڪانسيپٽسيئن | 244,071 | 18,051 | 12 |
2 | سان پيڊرو | سان پيڊرو | 419,629 | 20,002 | 21 |
3 | ڪارڊيليرا | ڪائاڪوپي | 299,234 | 4,948 | 20 |
4 | گوئائرا | ولارريڪا | 220,818 | 3,846 | 18 |
5 | ڪئاگوئازو | ڪورونيل اويئڊو | 545,904 | 11,474 | 22 |
6 | ڪئازاپا | ڪئازاپا | 184,530 | 9,496 | 11 |
7 | اٽاپوئا | انڪارنيسيئن | 592,017 | 16,525 | 30 |
8 | مسيئونز | سان جوئان بتيستا | 123,442 | 9,556 | 10 |
9 | پيراگوئري | پيراگوئري | 254,884 | 8,705 | 18 |
10 | الٽو پارانا | سائوڊاڊ ڊي ائسٽ | 796,689 | 14,895 | 22 |
11 | سينٽرل ڊپارٽمينٽ | ايريگوئا | 2,072,041 | 2,465 | 19 |
12 | نيمبوڪو | پلار | 88,784 | 12,147 | 16 |
13 | امامبي | پيڊرو جوئان ڪيباليرو | 164,462 | 12,933 | 5 |
14 | ڪيننڊييو | سالٽو ڊيل گوئائرا | 221,647 | 14,667 | 14 |
15 | پريزيڊنٽي ھيئيز | ولا ھيئيز | 121,075 | 72,907 | 8 |
16 | الٽو پيراگوئي | فوئريٽ اولمپو | 17,219 | 82,349 | 4 |
17 | بوقيران | فلاڊيلفيا | 63,011 | 91,669 | 3 |
– | پيراگوئي | آسينسيئن | 7,052,983 | 406,752 | 254 |
ھتان جي انتظامي تقسيم ڊپارٽمينٽن ۾ ٿيل آهي. ملڪ ۾ 17 ڊپارٽمينٽ آھن ۽ ھڪ گاديءَ جو هنڌ آهي. ڊپارٽمينٽ وري ضلعن ۾ تقسيم ٿيل آھن.ڊپارٽمينٽن جا نالا آهن:الٽو پيراگوئي، الٽو پارانا، امامبي، آسينسيئن (جيڪو گاديءَ جو ھنڌ پڻ آهي)، بوقيران، ڪئاگوئازو، ڪئازاپا، ڪيننڊييو، سينٽرل ڪانسيپسيئان، ڪارڊيليرا، گئائرا، اٽاپوئا، مسيونز، نيمبوڪو، پيراگوئري، پريزڊنٽي ھيئز، سان پيڊرو.
ھن ملڪ ۾ ووٽ جو حق 18 سالن کان 75 سالن جي عمر تائين آھي. رياست جو ۽ حڪومت جو سربراھ صدر آھي. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل ڪانگريس آهي ٻہ ايواني آھي.ھڪ ايوان چيمبر آف ڊپٽيز آھي جنھن جون 80 سيٽون آهن ۽ ٻيو چيمبر آف سينيٽرز آھي جنھن ۾ 45 سيٽون آھن. ٻنھي جو مدو پنج سال ھوندو آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن جا 9 جج ھوندا آھن[4].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.