From Wikipedia, the free encyclopedia
ڊومينين (انگريزي: Dominion ) برطانوي شاھي تاج جي اختيار ھيٺ اھي نيم خودمختيار سياسي علائقا ھيا جن برٽش ايمپائر کي جنم ڏنو. ان جي شروعات 1867ع ۾ ڪيناڊا جي ڪنفيڊريشن سان ٿي[1][2]. ڊومينين درجو ھڪ آئيني محاورو ھيو جنھن ذريعي خودمختيار دولت مشترڪه وارا علائقا ظاھر ڪيا ويندا ھئا. انھن م ڪيناڊا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، نيو فائونڊ لينڊ، سائوٿ آفريڪا ۽ آئرش فري اسٽيٽ شامل ھيا. انڊيا، سريلنڪا ۽ پاڪستان پڻ ڪجهه وقت ڊومينين رياستون ھيون. 1926ع واري بالفور ڊڪليئريشن ۾ ڊومينين رياست کي برٽش ايمپائر اندر خودمختيار رياست تسليم ڪيو ويو. 1931 م اسٽيچوٽ آف ويسٽ منسٽر انھن رياستن جي قانونسازي جي مڪمل آزادي تسليم ڪئي. سڀ کان اول ويلز کي 1535 ۾ ڊومينين سڏڻ شروع ڪيو ويو ۽ 1801 تائين سن کي ان درجي سان ظاھر ڪيو ويندو ھيو.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.