From Wikipedia, the free encyclopedia
وچ اوڀر ۾ لڳ ڀڳ اڍائي کان ساڍا ٽي ڪروڙ ڪرد آبادي آهي. پهرين عالمي جنگ ۾ اتحادين 1920ع ۾ ٺاهه ڪيو هو ته ڪرد رياست ٺاهي ويندي پر پوءِ ان ڳالهه تي عمل نه ٿي سگهيو. گذريل اسي ورهين کان ڪرد پنهنجي قومي آجپي لاءِ جاکوڙ ڪندا پيا اچن. جنهن ۾ هزارين ڪرد مارجي چڪا آهن ۽ ٻيا بي گهر ٿيا آهن. 1978ع ۾ عبدالله اوڪلان ڪردش آجپي جي پارٽي ٺاهي، جنهن ترڪي ۾ هٿيار بند جاکوڙ شروع ڪئي. 1990ع ۾، هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ 40 هزار ڪرد ماريا ويا هئا. 1915ع ۾ جنوري جي ويڙهه ۾ هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ 16 هزار ڪرد ماريا ويا. هڪ ڊگهي سياسي ۽ گوريلا هٿياربند ويڙھ کانپوءِ ڪرد پنهنجي قومي آجپي جي منزل ڏانهن وڌي رهيا آهن.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.