گليليئو گليليئي
From Wikipedia, the free encyclopedia
گليليئو گليليئي
گليليئو گليليئي | |
---|---|
(اطالوي ۾: Galileo Galilei) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (اطالوي ۾: Galileo di Vincenzo Bonaiuti de' Galilei) |
ڄم | 15 فيبروري 1564 [1][2][3][4] |
موت | 8 جنوري 1642 (78 سال)[1][5][6][7][8][9][10][11][12][13][14][15][16][17][3][18][19] |
عملي زندگي | |
پيشو | فلسفي [20][3]،پولي ميٿ ،فلسفي [18] |
ڪم جي ٻولي | لاطيني ٻولي |
دلچسپي | فلڪيات ،فزڪس ،ميڪانيات ،فلسفو ،رياضي [4] |
دستخط | |
ترميم |
گليليئو گليليئي 1564 ۾ اٽليءَ جي شھر پيسا ۾ پيدا ٿيو ۽ بعد ۾ پنھنجي خاندان سان گڏ فلورنس لڏي آيو ھو. 1581 ۾ ھي طب جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آف پيسا ۾ داخل ٿيو پر بعد ۾ ھن طب کي ڇڏي رياضي ۽ فطرت جي فلسفي جي تعليم اختيار ڪئي.
.
ھن سائنس جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪيو پر ھن جي مشھوري مشتريء جا چار چنڊ دريافت ڪرڻ جي ڪري ٿي. انھن کي اڄ تائين گليليئو جا چنڊ چوندا آهن. گليليئو جي مشاھدن سان خبر پئي تہ اسان جي شمسي نظام جو مرڪز زمين نہ پر سج آهي. ان دؤر ۾ گليليئو جي ان دعوا جي سخت مخالفت ٿي ڇو ته اھا رومن ڪئٿولڪ چرچ جي تعليم جي ابتڙ ھئي. جنھن ڪري 1633 ۾ ان تي مقدمو ھلايو ويو ان کي مجبور ڪيو ويو تہ پنھنجي ان دعوا تان ھٿ کڻي. ان کي گھر ۾ نظر بند ڪرڻ جي سزا ڏني وئي جيڪا ان جي باقي زندگيءَ تائين جاري رھي. پنھنجي نظربندي دوران ھن تحقيق جاري رکي ۽ علم حرڪيات (Kinematics) تي ھن پنھنجو ڪتاب لکيو. 1642 ۾ وفات ڪيائين.[21]