دارا شڪوه: (انگريزي: Dara Shukoh ) مغل بادشاھ شاھ جھان جو وڏو پٽ هو.[2] سندس لقب پادشاھزادائي بزرگ مرتبه (اعلیٰ مرتبي وارو شھزادو) ھيو. [3] ان جي پيءُ ۽ ڀيڻ جھان آرا بيگم بادشاھي وارث ٿيڻ جي حمايت ڪئي هئي. 1657 ۾ جڏھن شاھ جھان بيمار ٿي پيو تہ بادشاھي جي وارث ٿيڻ لاء جنگ شروع ٿي وئي. دارا کي سندس ننڍي ڀاء شھزادي محي الدين شڪست ڏني جيڪو بعد اورنگزيب جي لقب سان بادشاھ ٿيو. ان جي حڪم تي دارا شڪوه کي 1659 ۾ ڦاھي ڏني وئي. [4] دارا لبرل خيال جو مسلمان ھيو ۽ اورنگزيب جي مذھبي قدامت پسندي جو مخالف ھو. ھن جا خيال جنگي ھجڻ بجاء صوفياڻه ھيا.

ترت ڄاڻ دارا شُڪوہ, جيون ساٿي ...
دارا شُڪوہ
مغل شھزادو
پادشاھزادائي بزرگ مرتبه
Thumb
1640 جي دارہ شُڪوہ جي تصوير
جيون ساٿي نادرہ بانو بيگم
نسل
  • سليمان شڪوہ
  • ممتاز شڪوہ
  • سپھر شڪوہ
  • جھانزيب بانو شڪوہ
پورو نالو
محمد دارا شڪوہ
گهراڻو تيموري خاندان
پيءُ شاھ جھان
ماءُ ممتاز محل
جنم 20 مارچ 1615(1615-03-20)
اجمير, راجپوتانا, مغل ايمپائر
لاڏاڻو 30 آگسٽ 1659 (عمر 44 سال)[1]
دھلي, مغل ايمپائر
تدفين ھمايون جو مقبرو
مذھب اسلام
بند ڪريو

زندگي جو احوال

شاھجھان اجمير ۾ خواجه معين الدين چشتي جي مزار تي دعا گھري ھئا ۽ کيس پٽ دار شڪوہ پٽ ممتاز محل مان ان بزرگ جي مزار لڳ ڄائو ھو[5]. جڏھن سترھن سالن جو ٿيو تہ فوجي ڪمان سنڀاليائين. پيءُ طرفان ھي تخت جو وارث ھيو. جڏھن 1657 ۾ شاھجھان شديد بيمار ٿي پيو تہ سندس پٽن دارا، محمد شجاع، مراد ۽ اورنگزيب ۾ مور واري تخت لاء زندگي ۽ موت واري ڪشمڪش شروع ٿي وئي. اورنگزيب ۽ مراد دارا تي ھندو يوگين ۽ سنياسين سان صحبت ھجڻ جي ڪري ڪفر جو الزام ھنيو. انھن ۽ دارا ۾ جنگ لڳي جيڪا دارا ھارائي ويو[5]. ان تي عالمن ذريعي ارتداد جو مقدمو ھلائي 1659 ۾ ڦاھي تي چاڙهي ڇڏيو. اورنگزيب تخت تي ويھي پنھنجي ٻين ڀائرن کي بہ مارائي ڇڏيو[5].

دارا شڪوه جي شخصيت ۽ خيال

ھي پنھنجي پڙ ڏاڏي اڪبر اعظم کي پسند ڪندو ھو ۽ پاڻ اورنگزيب جي قدامت پسند سخت مذھبي خيالن جي ابتڙ، ڏکڻ ايشيا جي اسلام جي لبرل شاخ ۾ رھيو[5]. 1640ع ۾ جڏھن 25 سالن جو ٿيو تہ سندس لاڙو مذھب طرف ٿيو ۽ ھن محمد جي سيرت، سندس خاندان، خليفن، شيعه امامن ۽ صوفي بزرگن تي سوانح واري ڊڪشنري مرتب ڪرائي[5]. ساڳي سال ھن ۽ سندس وڏي ڀيڻ جھان آرا بيگم (وفات: 1681) صوفين جي قادري سلسلي جا پوئلڳ ٿيا ۽ ان سلسلي واري ملا شاھ نالي بزرگ جا مريد ٿيا[5]. دارا صوفياڻي نظريي تي ڪافي ڪتاب لکيا. ھن جو مشھور ڪتاب مجمع البحرين (سمنڊن جو سنگم) لکيو جنھن ۾ ھن اھو خيال ڏنو تہ اسلام ۽ ھندو مذھب جي ويدانتي روايتن ۾ ساڳيو سچ ڏنل ھيو. مثال طور: ھن اسلام ۾ خدا جي ڏنل نالن جي ويدانتي مذھب ۾ ڏنل خدا جي نالن جي ھڪجھڙائي ڏيکاري[5]. ھن مرڻ کان ٿورو وقت اڳ ويدانتي فلسفي جي سنسڪرت ۾ ڪيل تشريحن، جن کي اپنشد جو نالو ڏنو ويو، جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. ھن ان ڪم ۾ ان وقت جي مشھور ھندو پنڊتن، سنياسين کان پڻ مدد ورتي[5]. ھن گيتا جو فارسي ۾ ترجمو لکڻ پڻ شروع ڪيو ھو[5].

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.