سنڌي ادب
سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي تاريخ / From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌي ادب (انگريزي: Sindhi literature) سنڌي ادبي دور جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ڄاڻايو ويو آهي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي،[1] ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي, خداآبادي يا خداوادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو.[2] سومرن جي دور کي سنڌي ادب جو شروعاتي چيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ نثري صنفن ڪهاڻي، مضمون، ناٽڪ ۽ ناول جي شروعات انگريز دور ۾ موجوده رسم الخط جُڙڻ سان ٿي.[3] سومرن جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ پهرين صنف مقامي جنگ نامن، رزميا داستان، عشقيا داستانن جي عام قصن سان ٿي.[4]
هن مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي معيار جي مطابق صفائي جي ضرورت آهي، |
عرب حملي کان اڳ سنڌ ۾ گيت ڳائڻ جو راوج قائم هو، محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي، سنڌ جي ڪجهه قبيلن گيت ڳائي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو هو.[4] سنڌي شاعرن جو ذڪر عرب دور ۾ به ملي ٿو، پر اها عربي ٻولي ۾ لکي ويندڙ شاعري هئي،[5] ڪن محققن جو خيال آهي ته عيسوي سن جي ابتدا يا ان کان به اڳ لکت جي حوالي سان سنڌي زبان يا سنڌي جي ڪا زبان موجود هئي،[6] يا وري شاعري جي هڪ سٽ اره بره ڪنڪره، ڪراڪره مندره جنهن جي تشريح سنڌيءَ ۾ هن طرح ڪن ٿا ته: اهڙو ٻُڙو (ٻاجھ) ڪو ڪري جو ڪري مينڌرو, ان کي پڻ ڪي سنڌي محقق عرب دور جي سنڌي شاعري ڪوٺين ٿا، پر صرف اهو هڪ گمان آهي.[7]