ڏکڻ ايشيا جو ھڪ ملڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
بنگلاديش ڏکڻ ايشيا جو اهو ملڪ آهي، جنهن جي تقريباً هر پاسي کان هندستان آهي. پر ڏکڻ اوڀر ۾ هن جو ڪجهه حصو برما ۽ خليج بنگال سان لڳي ٿو جتي گنگا ،برھمپترا ۽ ميگھنا ندين جون ڊيلٽائون پڻ واقع آھن جن جي ڪري اڪثر ملڪ جو چڱو حصو ٻوڏ جو شڪار رھندو آھي. [10]. بنگلا ديش هن وقت سارڪ ۽ او آئي سي جو رڪن آهي.
عوامي جمھوريہ بنگلاديش
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
گادي جو هنڌ | ڍاڪا 23°42′N 90°21′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ڍاڪا | ||||
دفتري ٻوليون | بينگالي[2] | ||||
نسلي گروھ (2011[3][4][5][6][7]) | |||||
مذهب (2011[8]) | |||||
مقامي آبادي | بنگلاديشي | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني ريپبلڪ | ||||
• صدر |
عبدالحامد | ||||
• وزيراعظم |
شيخ حسينہ واجد | ||||
• اسپيڪر |
شيرين شرمين چوڌري | ||||
• چيف جسٽس |
سيد محمود حسين | ||||
مقننه | جاتيه سنگسد | ||||
تاريخ ۽ بنگلاديش جي آزادي | |||||
• اوڀر بينگال جو قيام |
14 آگسٽ 1947 | ||||
• اوڀر پاڪستان جو قيام |
14 آڪٽوبر 1955 | ||||
• آزاديء جو اعلان |
26 مارچ 1971 | ||||
• فتح جو ڏينھن |
16 ڊسمبر 1971 | ||||
• بنگلاديش جو آئين |
4 نومبر 1972 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
147٬570 km2 (56٬980 sq mi) (92nd) | ||||
• پاڻي (%) |
6.4 | ||||
آبادي | |||||
• 2011 مردم شماري |
149,772,364 (8th) | ||||
• گھاٽائي |
1٬106 /km2 (2٬864.5 /sq mi) (10th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$748.811 ارب ڊالر [9] (31st) | ||||
• في سيڪڙو |
$4,541[9] (139th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$273.618 ارب ڊالر [9] (43rd) |
بينگال تاريخ ۾ اوڀر بينگال (موجوده بنگلاديش) ۽ انڊيا جي رياست اولھ بنگال تي مشتمل علائقو ھيو. جنھن ۾ اوڀر بينگال ٻيلن تي مشتمل علائقو ھيو جنھن ۾ قبيلائي نظام ۾ شڪار ۽ کاڌو گڏ ڪندڙ ماڻھو رھندڙ ھيا ۽ اھو خطو ھندوستان جي اتر اوڀر واري ٻيلن تي مشتمل سرحد طور سڃاتو ويندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ اولھ بينگال ۾ رياستون وجود ۾ اينديون رھيون[10]. جن ۾ ٻڌن جو پالا خاندان جو راڄ ۽ برھمڻن جو سينا گھراڻي جو راڄ پڻ شامل آھن[10]. مسلمان پھريون ڀيرو دھلي سلطنت جي قائم ٿيڻ بعد فتحون ڪندا ھتي پھتا[10]. انھن ۾ افغاني، ايراني ۽ ترڪ شامل ھيا جن شروعاتي مسلمان رياستون اولھ بينگال ۾ قائم ڪري ورتيون[10]. پر مسلمانن جي باقائده طاقتور حڪومت مغل خاندان جي اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ قائم ٿي پر مقامي آبادي غيرمسلم ھئي جيڪا سورھين صدي ۾ مسلمان صوفي بزرگن جي تبليغي ڪم ۽ مسلمانن جي دؤر ۾ اوڀر بينگال جي معاشي پائداري جي ڪري آبادي جو وڏو حصو اسلام ۾ داخل ٿي ويو..[10]. يورپين مان سڀ کان اول ھتي پورچوگيز 1517 ۾ پھتا جن کان پوء ڊچ 1602 ۾ ھتي اچڻ شروع ٿيا، 1650 ۾ انگريز ، 1690 ۾ فرانسيسي ۽ 1755 ۾ ڊينمارڪ جا ڊين ھتي اچڻ شروع ٿيا[10]. پر انھن مان انگريز ھتي قابض ٿي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اھڙي طرح 1757 کان 1857 تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني ھتي حڪومت ڪئي ۽ 1857 کان 1947 تائين برطانوي سرڪار سڌوسنئون حڪومت ڪئي[10]. ھن خطي ۾ اوڻويھين صدي ۾ مسلمانن ۾ ٻہ مذھبي تحريڪون زور سان ھليون جن ۾ فرائضي تحريڪ ۽ سيد احمد شھيد کان متاثر ٿيل طريقه محمديه شامل ھيون[10]. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي وقت اوڀر بنگال (هاڻوڪو بنگلاديش) پاڪستان جو حصو بڻيو. ان وقت اوڀر پاڪستان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي ليگ سموري اوڀر پاڪستان جون 97 سيڪڙو نشستون کٽي وئي. ان وقت اوڀر پاڪستان جي آبادي پاڪستان جي ڪل آبادي جو 55 سيڪڙو هئي. عوامي ليگ واضع اڪثريت سان وفاقي حڪومت ٺاهڻ جيتري ڪاميابي ماڻي ورتي هئي. پر ان وقت جنرل يحي خان واري فوجي حڪومت مجيب الرحمان تي ڇھ نقطن واري پروگرام تي نظرثاني ڪرڻ جو زور رکيو ۽ ھو ايئن ڪرڻ لاء راضي نه ٿيو جنھن تي معاملا بگڙي ويا. اقتدار نہ ملڻ جي ڪري تحريڪ شروع ٿي وئي جنھن کي طاقت جي استعمال سان چيڀاٽڻ لاء فوجي ايڪشن شروع ٿيو نتيجي ۾ ھزارين ماڻھو مارجي ويا ۽ فوجي ايڪشن دوران فوج تي ھزارين عورتن جي لڄالٽ جا الزام پڻ لڳا جن جي تصديق پڻ ٿي. ان طاقت جي استعمال تي عوامي ليگ جي قيادت آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان گھرو ويڙھ دوران انڊيا بنگالي عوام جي مدد ۾ مداخلت ڪندي پاڪستان سان جنگ جي شروعات ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ 1971 ۾ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ جي راھ ھموار ٿي وئي ۽ ھي ملڪ وجود ۾ آيو جنھن کي جلد ئي پوري دنيا ۾ تسليم ڪيو . درياءِ گنگا ۽ برهم پترا بنگلاديش ۾ دريائي ٽڪور ٺاهي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. بنگلاديش جي سياسي حالت پاڪستان وانگر آهي جتي فوج اقتدار ۾ ايندي رھندي آھي. 1975 ۾ فوجي بغاوت ۾ مجيب الرحمان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو جيڪو پاڻ بہ پنھنجي خاندان سميت مارجي ويو. ان بعد بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ملڪ ۾ غالب پارٽي رھي.بعد ۾ عوامي ليگ ٻيھر اقتدار ۾ اچي وئي[10].
ھن ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ آهي جنھن جو 83 سيڪڙو مسلمان ۽ 16 سيڪڙو ھندو آھن. ھن ملڪ ۾ انڊونيشيا ، پاڪستان ۽ ڀارت کان پوء مسلمانن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آھي[10]. ھن ملڪ جو سرڪاري مذھب پڻ اسلام آھي. مسلمانن جي ملڪن ۾ سڀ کان گھڻا ھندو ھن ملڪ ۾ رھن ٿا[10]. مسلمانن جي اڪثريت سني اسلام جي حنفي فقه سان تعلق رکندڙ آهي[10]. ھندن جي اڪثريت جو تعلق شيڊول وارين ذاتين سان آهي جن کي ماضي ۾ اڇوت يا ھريجن (خدا جا ٻچا) سڏيو ويندو هو[10]. مٿين طبقي جا ھندو 1947 ۾ انڊيا جي رياست اولھ بينگال ھجرت ڪري ويا[10].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.